عوام لاءِ رليف پيڪيج، 70 ارب رپين جي واڌو سبسڊي جو اعلان، زرعي مشينري تان ڪسٽم ڊيوٽي ختم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته بجيٽ ۾ 70 ارب رپين جي واڌو سبسڊي ڏني آهي.
اسلام آباد ۾ پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ڪندي هن ٻڌايو ته زرعي مشينري تان ڪسٽم ڊيوٽي ختم ڪئي وئي آهي، اڏاوتي شعبي تان به ٽيڪس گهٽايا ويا آهن ۽ پگهاردار طبقي کي وڌيڪ رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
هن چيو ته صوبن طرفان مرڪز جي مدد ڪرڻ تي اسين ٿورائتا آهيون، صوبن پاران ڏنل سهولتون ٽن سالن تائين جاري رهنديون. هاڻي ترقياتي منصوبن لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ طرف وڃڻو پوندو، ۽ سنڌ حڪومت پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ تحت سٺو ڪم ڪري ڏيکاريو آهي.
پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ۾ ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو ته وفاقي بجيٽ پگهاردار، صنعتڪارن ۽ ايڪسپورٽرز لاءِ آهي، ۽ سمورن شعبن تان بار گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته هيءَ بجيٽ پنهنجو گهر ٺاهيندڙن جي بجيٽ آهي. گهٽ پگهار کڻندڙ تان گذريل سال ئي ٽيڪس گهٽايو هو، هن ڀيري به رليف ڏنو آهي، ان کان علاوه واپارين، ايڪسپورٽرز ۽ شپنگ انڊسٽريز تان به ٽيڪس گهٽايو ويو آهي. بجيٽ سان صنعتن کي هٿي ملڻ سان گڏ روزگار جا نوان ذريعا به پيدا ٿيندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.