اين آءِ سي وي ڊي جي مفت علاج جي ماڊل کي ملير تائين وڌايو ويندو:وڏو وزير

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيوويسڪولر ڊيزيزز ۽ حسن سليمان ميموريل هسپتال  ملير جي وچ ۾ مفاهمتي ياداشت (ايم او يو) تي صحيحن جي  تقريب جي صدارت ڪئي جنهن جو مقصد ملير ۽ آسپاس جي علائقن جي رهاڪن لاءِ دل جي مرضن جي جامع خدمتن جي فراهمي آهي، ان ڀاڱييواري تحت حسن سليمان ميموريل هسپتال دل جي هنگامي مرضن جي جاچ، مريضن کي مستحڪم ڪرڻ ۽ علاج کان پوءِ جي نگهداشت جون خدمتون فراهم ڪندو، جڏهن ته اينجيوگرافي، اينجيوپلاسٽي ۽ دل جي آپريشن جهڙن جديد علاج جي ضرورت وارن مريضن کي هڪ مخصوص ريفرل نظام ذريعي اين آءِ سي وي ڊي منتقل ڪيو ويندو، ان تعاون ۾ ٽيلي ڪارڊيالوجي سپورٽ، ماهرن جي مشاورت ۽ طبي و نيم طبي (پيراميڊيڪل) عملي جي صلاحيتن ۾ اِضافو پڻ شامل آهي، صحيحن جي تقريب وڏي وزيراعليٰ هائوس ۾ منعقد ٿي جنهن ۾ صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، وڏي وزير جي سيڪريٽري آصف جميل، صحت سيڪريٽري طاهر سانگي، اين آءِ سي وي ڊي جي قائم مقام ايسوسيئيٽ/ايگزيوڪيٽو ڊائريڪٽر اسد بلال اعواڻ، پروفيسر ڊاڪٽر طارق محمود، هائر ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر محمد طارق رفيع، حسن سليمان فائونڊيشن جي صدر ڊاڪٽر جاويد سليمان، ڊاڪٽر شهاب الله ۽ ٻين سينئر اختيارين شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت معياري طبي سهولتن تائين رسائي کي وسعت ڏيڻ ۽ جان بچائيندڙ دل جي مرضن جي علاج کي عوام جي گهرن جي ويجهو پهچائڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته اين آءِ سي وي ڊي مفت ۽ عالمي معيار جي دل جي علاج جي فراهمي ذريعي لکين ماڻهن لاءِ اُميد جي علامت بڻجي چڪو آهي، ان سهڪار جي ذريعي اسان ان ماڊل کي ملير تائين وسعت ڏئي رهيا آهيون جتي مريضن کي بروقت دل جي مرضن جي جاچ ۽ هنگامي طبي سهولتون ميسر ٿينديون، جنهن کانپوءِ کين اين آءِ سي وي ڊي جي جديد علاج جي نيٽ ورڪ سان منسلڪ ڪيو ويندو، دل جا مرض فوتگين جو وڏو سبب آهن ۽ انهن جي فوري تشخيص ۽ علاج انتهائي اهميت جو حامل آهي، دل جي هنگامي مرضن ۾ هر منٽ قيمتي هوندو آهي، هيءَ ڀاڱييواري هنگامي ردعمل جي نظام کي مضبوط بڻائيندي، مريضن جي علاج جا نتيجا بهتر ڪندي ۽ ملير ۽ ويجهن علائقن جي رهاڪن کي دل جي مرضن جي ماهرن جي خدمتن تائين تيز ترين رسائي فراهم ڪندي، وڏي وزير صحت کاتي ۽ اين آءِ سي وي ڊي انتظاميا کي هدايت ڪئي ته معاهدي تي اثرائتي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي ۽ اهڙن مريضن لاءِ مضبوط ريفرل ۽ منتقلي جو نظام تيار ڪيو وڃي جن کي دل جي جديد علاج جي ضرورت هجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.