اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف اتحادي پارٽي پاڪستان پيپلز پارٽي کي گلگت بلتستان ۾ حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏني آهي. پنهنجي بيان ۾ شهباز شريف چيو ته پيپلز پارٽي گلگت بلتستان ۾ اڪثريتي پارٽي طور سامهون آئي آهي. هن چيو ته اسان پيپلز پارٽي کي گلگت بلتستان ۾ حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏيون ٿا، مسلم ليگ (ن) گلگت بلتستان ۾ حڪومت ٺاهڻ جي معاملي تي پيپلز پارٽي جي حمايت ڪري ٿي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) گلگت بلتستان اسيمبلي ۾ اپوزيشن ۾ ويهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اسان جا چونڊيل ميمبر حڪومت ٺاهڻ لاءِ پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏيندا. وزيراعظم چيو ته هي فيصلو جمهوري روايتن ۽ قدرن کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي، مسلم ليگ (ن) هميشه پنهنجي اتحادي پارٽين سان احترام جو رشتو برقرار رکيو آهي.