ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته اسپيشل پرسنس کي امتحان ۾ ويهڻ لاءِ ايڊمٽ ڪارڊ به جاري نه ڪيو ويو آهي.
ايس پي ايس سي عدالت کي ٻڌايو ته اسپيشل پرسنس جون جايون خالي نٿيون ٺهن، ان ڪري سندن امتحان نه ورتو ويو.
عدالت ڪميشن جو اهو جواب رد ڪندي لاڳاپيل اختيارين کي سومر ڏينهن پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
عدالت ايس پي ايس سي جي چيئرمين، ڪنٽرولر امتحان ۽ سيڪريٽري جا ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ به جاري ڪري ڇڏيا آهن.
You might also like