ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي اڄ سون جي اگهه ۾ وڏي لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون 9 هزار 720 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 32 هزار 716 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون 8 هزار 748 رپيا لاٿ بعد 3 لک 69 هزار 422 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي طرف عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون جي قيمت 97 ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ 4 هزار 102 ڊالر آهي.