ڪراچي(رپورٽر) ليکڪ شاهه رخ نديم جي ڪتاب هنڊريڊ جي مهورتي تقريب ۾ ناليواري صحافي مظهر عباس، وسعت اللهﷲ خان ،ڪتاب جي ليکڪ شاه رخ نديم، سوشل ميڊيا اسٽار رضا سمون ۽ ٻين شرڪت ڪئي، شارخ نديم جو چوڻ ھو ته ملڪ ۾ ٻارن کي سوال ڪرڻ کان به روڪيو ويندو آهي،حقيقت ڪنهن کي پسند ناهي بس ڪوڙ تي ئي گذارو ڪرڻ کي پسند ڪيو ٿو وڃي،هن چيو ته گوڙ ته گهڻو آهي شهر ۾ پر سوچڻ جي خاموشي آهي هن ڪتاب ۾ لکيو آهي ته جيڪڏهن ڪو چوي ٿو ته ان جو يقين ڪرڻ کان اڳ سوچڻ گهرجي ڪم ڪيو ۽ پوء ڊيمانڊ ڪيو ڪم ڪرڻ کان اڳ ڪا ڊيمانڊ نه ڪيو،هن چيو ته سوال ڪرڻ کان پهريان ان تي پاڻ عمل ڪيو ،قانون جوڙڻ کان اڳ علم حاصل ڪيو سڀئي سياسي پارٽيون ڪميونٽيز سان جڙيل آهن ،انهن کي پهريان ميرٽ ڪرڻ گهرجي ھن چيو ته آئين ۾ لکيل آهي ته ملڪ جو صدر غير مسلم نه ٿو ٿي سگهي مون هن ڪتاب ۾ لکيو آهي ته ان تي آئين ۾ تبديلي ٿيڻ گهرجي ڪو غير مسلم اسان کان وڌيڪ قابل ٿي سگهي ٿو تقريب ۾ سينيئر صحافي مظهر عباس خطاب ڪندي چيو ته مان هن ڪتاب ۾ لکيل ڪجه ڳالهين تي فيلڊ ۾ ڪم ڪري چڪو آهيان هن ملڪ ۾ ماڻهو نظام ۾ تبديلي آڻڻ لاء اڳتي ايندا آهن ۽ جانيون به ڏيندا آهن پر ان باوجود تبديلي ناهي ايندي ھن چيو ته تعليم ڏيڻ رياست جي بنيادي ذميواري آهي،جڏهن سوچ تي ئي پابندي هوندي ته نظام ۾ تبديلي تمام مشڪل ٿي ويندي آهي آخر ۾ مظھر عباس چيو ته جيڪڏهن ڊي ايڇ اي 9 نه ٺهي ها ته شاهراهه ڀٽو به نه ٺهي ها