اسلام آباد(طلعت حسين)پاڪستان پيپلز پارٽي وارا هڪ جملو بار بار چوندا آهن”هڪ زرداري، سڀني تي ڀاري“ آصف علي زرداري، جيڪو هن وقت پاڪستان جو ٻيهر صدر بڻيو آهي، هاڻي اهو رڳو نعرو نه رهيو آهي، پر آصف علي زرداري ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته سندس قيادت هيٺ پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجي عددي حيثيت کان گهڻو وڌيڪ سياسي اثر ۽ حصو حاصل ڪيو آهي.هاڻوڪي صورتحال جو هڪ مثال آزاد ڄمون ۽ ڪشمير مان ڏجي ٿو. حڪومت جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ان جي خلاف اڳ ۾ 175 ايف آءِ آرون داخل ڪيون ويون هيون، جيڪي بعد ۾ معطل ڪيون ويون، پر هاڻي وري بحال ڪيون ويون آهن. حڪومت اهو به اعلان ڪيو آهي ته هوءَ ان تنظيم جي مٿين قيادت سان ڳالهين لاءِ تيار نه آهي.پر بلاول ڀٽو زرداري، آصف علي زرداري جي قيادت هيٺ، اصرار ڪري رهيو آهي ته حڪومت کي ان ڪالعدم قرار ڏنل تنظيم سان به ڳالهين جو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي. هن آزاد ڪشمير جي وزيراعظم کي به اهو ئي مشورو ڏنو آهي. پيپلز پارٽي زور ڏئي رهي آهي ته جن ماڻهن تي دهشتگردي جا ڪيس داخل آهن، جن تي سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ عام ڪشميرين جي رت وهائڻ جا الزام آهن، تن سان به ڳالهين جو دروازو بند نه ٿيڻ گهرجي.هاڻي حڪومت پاڻ به پريشان آهي ته صدر زرداري کي ناراض ڪرڻ کانسواءِ ان معاملي کي ڪيئن سنڀالجي، ڇو ته پيپلز پارٽي حڪومت جي ڪابينا جو حصو نه هجڻ باوجود به حڪومت تي پنهنجو اثر قائم رکيو آهي.هتي هڪ ٻي دلچسپ ڳالهه به سامهون اچي ٿي. 2024ع جي چونڊن ۾، سنڌ کان سواءِ پيپلز پارٽي جي ڪارڪردگي گهڻي نمايان نه رهي. پنجاب ۾ ته تقريبن ان جو صفايو ٿي ويو. پر ان جي باوجود، اڄ وفاقي سطح تي پيپلز پارٽي جو اثر ڏسو،صدر پاڪستان پيپلز پارٽي جو آهي،سينيٽ ۾ اهم عهدن تي ان جي نمائندگي آهي؛قومي اسيمبلي ۾ اهم ڪردار موجود آهي،سنڌ،بلوچستان ۽آزاد ڪشمير ۾ حڪومتون ان جون آهن،گلگت بلتستان ۾ حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ آهي،ڪي پي ۽ پنجاب ۾ گورنر به ان جا آهن،ڪراچي جو ميئر به پيپلز پارٽي جو آهي.هي سڀ ڪجهه سياسي حڪمت عملي جو نتيجو آهي. پيپلز پارٽي پنهنجي محدود عددي طاقت هوندي به سياسي طور تمام وڏو ڪردار ادا ڪري رهي آهي.ڪيترن تجزيه نگارن موجب، جيڪڏهن پاڪستان تحريڪ انصاف پنهنجي سياسي حڪمت عملي بهتر نموني اختيار ڪري ها، ته شايد پيپلز پارٽي لاءِ اهڙي سياسي جاءِ پيدا نه ٿئي ها.پي ٽي آءِ، جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي وانگر، اهڙي صورتحال تائين پهچي وئي آهي جتي ان جي سياست بحران جو شڪار نظر اچي ٿي. جيڪڏهن اها سنجيده سياسي رستو اختيار ڪري ها، حڪومت سان ڳالهين جو دروازو کليل رکي ها ۽ ادارن سان ٽڪراءَ بدران سياسي جدوجهد جاري رکي ها، ته شايد اڄ حالتون مختلف هجن ها.في الحال اسٽيبلشمينٽ حڪومت کي صلاح ڏئي رهي آهي ته پيپلز پارٽي سان لاڳاپا برقرار رکيا وڃن. پر جيڪڏهن پيپلز پارٽي پنهنجا سياسي ڪارڊ وڌيڪ جارحاڻي انداز ۾ استعمال ڪرڻ شروع ڪري ٿي، ته بند ڪمرن ۾ هلندڙ اختلاف ڪنهن به وقت عوامي ٽڪراءَ ۾ تبديل ٿي سگهن ٿا. جيئن چوڻي آهي، پيپلز پارٽي جڏهن خيمي ۾ داخل ٿيندي آهي ته پهرين ٿوري جاءِ وٺندي آهي، پر موقعو ملڻ شرط سڄو اُٺ خيمي اندر ويهاري ڇڏيندي آهي، ۽ پوءِ خيمي جو اصل مالڪ پاڻ لاءِ جاءِ ڳوليندو رهجي ويندو آهي.هن وقت وفاقي حڪومت جي حالت به ڪجهه اهڙي ئي نظر اچي رهي آهي.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، خميس 11 جون 2026 تي شايع ٿيو