ايران ڳالهين ۾ دير ڪري ڇڏي، هاڻي ان کي قيمت چڪائڻي پوندي: ٽرمپ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران ڳالهين ڪرڻ ۾ تمام گهڻي دير ڪري ڇڏي آهي ۽ هاڻي کين ان جي قيمت چڪائڻي پوندي.
پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي جاري ڪيل بيان ۾ ٽرمپ چيو ته ايران جي فوج مڪمل طور تي تباهه ۽ برباد ٿي چڪي آهي، جڏهن ته سامونڊي ۽ هوائي فوج هاڻي عملي طور تي موجود ئي نه رهي آهي، کين مڪمل شڪست ملي چڪي آهي.
ٽرمپ وڌيڪ چيو ته ايران رڳو ڳالهيون ڪري ٿو پر ڪو به عملي قدم نٿو کڻي، وچ اوڀر جو هي غنڊو هاڻي ختم ٿي چڪو آهي.
آمريڪي صدر موجب ايران اهڙي معاهدي تي ڳالهين ۾ گهڻي دير ڪئي جيڪو انهن لاءِ بهتر ثابت ٿي سگهي پيو، هاڻي کين ان جي قيمت چڪائڻي پوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.