سنڌ بجيٽ: عوام دوست معاشي رخ جي ضرورت

ڊاڪٽر سڪندر اقبال

سنڌ حڪومت صوبائي بجيٽ مالي سال 2026-27 جون جي ٻئي هفتي ۾ پيش ڪرڻ جو اعلان ڪري رهي آهي – بجيٽ محض آمدني ۽ خرچن جو حساب ڪتاب نه هوندو آهي، پر اهو رياستي ترجيحن ۽ سماجي انصاف جو عملي اظهار هوندو آهي خاص طور تي سنڌ جهڙي صوبي ۾، جتي هڪ طرف ڪراچي ملڪ جي معيشت، صنعت، واپار ۽ روزگار جو مرڪزي انجن آهي، ته ٻئي طرف ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، بدين، سجاول ۽ ڪشمور جهڙن ضلعن ۾ بنيادي انساني سهولتون اڄ به هڪ سنگين چئلينج آهن، تنهن ڪري بجيٽ جو اصل امتحان اهو آهي ته اهو انهن تضادن کي ڪيتري حد تائين گهٽ ڪري ٿو.

مالي سال 2025-26 جي بجيٽ ۾ سنڌ حڪومت 3.45 کرب رپين جو مجموعي ڪاٿو پيش ڪيو، جيڪو گذريل سال جي ڀيٽ ۾ لڳ ڀڳ 13 سيڪڙو وڌيڪ هو. ان ۾ 1.02 کرب رپيا ترقياتي پروگرام (ADP) لاءِ ۽ 2.15 کرب رپيا جاري خرچن لاءِ مختص ڪيا ويا. شعبي وار ورڇ ۾ تعليم کي سڀ کان وڌيڪ اهميت ڏني وئي ۽ 523.73 ارب رپيا مختص ڪيا ويا، جن ۾ پرائمري تعليم لاءِ 156.2 ارب رپيا ۽ سيڪنڊري تعليم لاءِ 77.2 ارب رپيا شامل هئا. اهڙي طرح صحت جي شعبي لاءِ 326.5 ارب رپيا رکيا ويا، جڏهن ته ڪجهه سرڪاري اندازن موجب مجموعي صحت خرچ 372 ارب رپين تائين پهچي ويا، جن ۾ اسپتالن، بنيادي صحت مرڪزن ۽ خاص ادارن جهڙوڪ SIUT جون گرانٽون شامل هيون. ترقياتي پروگرام ۾ 520 ارب رپين جا منصوبا شامل هئا، جن ۾ تعليم لاءِ 99.6 ارب، صحت لاءِ 45.37 ارب، آبپاشي لاءِ 73.9 ارب ۽ بلدياتي حڪومتن لاءِ 132 ارب رپيا رکيا ويا، جڏهن ته لڳ ڀڳ 475 منصوبا ٻوڏ متاثر علائقن جي بحالي، پاڻي، روڊن ۽ شهري ۽ ٻهراڙي جي انفراسٽرڪچر جي بهتري لاءِ شروع ڪيا ويا.

تنهن هوندي سوال اهو آهي ته ايترا وڏا انگ اکر هئڻ باوجود عام ماڻهو جي زندگي ۾ بنيادي تبديلي ڇو محدود رهي آهي؟ اهو ئي اهو نقطو آهي جتي 2026-27 جو بجيٽ محض انگن جو تسلسل نه پر پاليسي جي رخ ۾ تبديلي جو تقاضو ڪري ٿو. هڪ حقيقي عوام دوست بجيٽ اهو آهي جيڪو صرف خرچ نه ڪري پر نتيجا پيدا ڪري، ۽ اهي ڇهه بنيادي نڪتا ان تبديلي جو بنياد بڻجي سگهن ٿا.

سڀ کان پهريان بجيٽ جو تصور بدلائڻو پوندو. يعني بجيٽ کي صرف اڪائونٽنگ دستاويز نه پر سماجي انصاف جو اوزار بڻايو وڃي. جيڪڏهن 3.45 کرب رپين جي وڏي بجيٽ باوجود اسڪولن ۾ بنيادي سهولتون ۽ صحت جي نظام ۾ خال موجود آهن، ته اهو ظاهر ڪري ٿو ته مسئلو صرف وسيلن جو نه پر انهن جي استعمال ۽ نگراني جو به آهي.

غربت جي خاتمي کي بجيٽ جو مرڪزي ستون بڻائڻ ضروري آهي. سنڌ ۾ لکين گهر اهڙا آهن جن جي آمدني مهيني جي آخر تائين مڪمل ختم ٿي وڃي ٿي. تنهن ڪري فوڊ سپورٽ، راشن سبسڊي ۽ سماجي تحفظ جي فنڊن ۾ اضافو ضروري آهي، پر ان سان گڏ انهن کي هنرمندي، روزگار ۽ مائڪرو فنانس سان ڳنڍڻو پوندو ته جيئن امداد مستقل انحصار ۾ تبديل نه ٿئي.

تعليم ۾ سڀ کان وڏي سيڙپڪاري ٻهراڙي سنڌ ۽ ڇوڪرين جي تعليم تي ٿيڻ گهرجي. 523.73 ارب رپين جي وڏي تعليمي بجيٽ باوجود زميني حقيقت اها آهي ته هزارين اسڪول يا ته غير فعال آهن يا بنيادي سهولتن کان محروم آهن. تنهن ڪري ايندڙ بجيٽ ۾ وڏو حصو ٻهراڙي اسڪولن، فني تعليم، ڊجيٽل اسڪلز ۽ انفراسٽرڪچر تي خرچ ٿيڻ گهرجي.

صحت جي نظام کي ضلعي سطح تي مضبوط ڪرڻو پوندو. ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو ۽ سکر جي وڏن اسپتالن تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي، تنهن ڪري تعلقه ۽ ضلعي اسپتالن کي سي ٽي اسڪين، ليبارٽريز، ماهر ڊاڪٽرن ۽ مفت دوائن سان ليس ڪرڻ ضروري آهي.

زراعت ۽ ماهيگيري سنڌ جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي آهن. هارين کي بلاسود قرض، فصل بيمو، جديد آبپاشي ۽ زرعي تحقيق تائين رسائي ڏيڻ لازمي آهي، جڏهن ته ساحلي علائقن جي ماهيگيرن لاءِ ڪولڊ اسٽوريج ۽ برآمدي سهولتون به ضروري آهن.

آخر ۾ سڀ کان اهم نڪتو توازن جو آهي. ڪراچي جون شهري ضرورتون پنهنجي جاءِ تي اهم آهن، پر ٿرپارڪر، بدين ۽ ٻين پٺتي پيل ضلعن جي ضرورتن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. جيڪڏهن ترقي صرف هڪ خطي تائين محدود رهي ته عدم مساوات وڌيڪ وڌي ويندي.

اهڙي طرح 2026-27 جي بجيٽ صرف مالي دستاويز نه پر هڪ سماجي معاهدو هجڻ گهرجي، جيڪو واقعي زمين تي ماڻهن جي زندگين ۾ تبديلي آڻي سگهي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.