تهران (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي ۽ آمريڪي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ ايراني سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي جي جنازي نماز ۽ تدفين عاشوري کانپوءِ ٿيندي.
ايراني ميڊيا موجب، شهيد آيت الله خامنه اي جي جنازي نماز ۽ تدفين جو حتمي وقت في الحال مقرر نه ڪيو ويو آهي، لاڳاپيل هيڊ ڪوارٽرز شهيد آيت الله خامنه اي جي تدفين ۽ جنازي بابت تفصيلن جو باضابطا اعلان ڪندو.
ياد رهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل 28 فيبروري 2026 تي تهران ۾ آيت الله خامنه اي جي ڪمپائونڊ تي شديد بمباري ڪئي هئي، جنهن ۾ هو شهيد ٿي ويو هو، جڏهن ته ايراني ميڊيا بمباري جي ٻئي ڏينهن رهبرِ اعليٰ جي شهادت جي تصديق ڪئي هئي.
آيت الله خامنه اي جي شهادت کانپوءِ سندس پٽ آيت الله مجتبيٰ خامنه اي کي ايران جو نئون سپريم ليڊر مقرر ڪيو ويو آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي هڪ انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو ته 28 فيبروريءَ تي بمباري واري ڏينهن هو به آيت الله خامنه اي جي آفيس ۾ موجود هو.