بين اسٽوڪس کان انگلش ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتاني کسجڻ جو امڪان

لنڊن (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بين اسٽوڪس ۽ فاسٽ بالر گس ايٽڪنسن جي نائيٽ ڪلب واري واقعي کانپوءِ بين اسٽوڪس کي ڪپتاني تان هٽائڻ جو امڪان آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب، انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ( اِي سي بي) رانديگرن جي نائيٽ ڪلب وڃڻ واري معاملي جي جاچ جو اعلان ڪري چڪو آهي، بين اسٽوڪس جي جاءِ تي هيري بروڪ کي نيوزيلينڊ خلاف ٻِي ٽيسٽ ۾ ڪپتاني ملڻ جو امڪان آهي.
ان حوالي سان وڌيڪ چيو ويو آهي ته نائيٽ ڪلب ۾ مبينا طور تي ڪرڪيٽرن جو رگبي رانديگر سان جهيڙو ٿيو، بين اسٽوڪس ۽ گس ايٽڪنسن اي سي بي جي نون ظابطن جي ڀڃڪڙي ڪئي. ظابطن جي ڀڃڪڙي تي ڪپتان جي خلاف سخت ڪارروائي جو امڪان آهي.
ميڊيا رپورٽ موجب، رگبي رانديگر فاسٽ بالر کي مُڪ وهائي ڪڍي، اي سي بي جو سيڪيورٽي گارڊ به موقعي تي موجود هو جيڪو سخت زخمي زخمي ٿيو ۽ کيس ٽاڪا لڳائڻا پيا.
جهيڙي دوران ڪرڪيٽر زخمي ٿيڻ کان محفوظ رهيا، نائيٽ ڪلب جي واقعي ۾ پوليس شامل ناهي ٿي، اي سي بي کي پڪ آهي ته ڪرڪيٽرن جارحاڻو انداز جو مظاهرو نه ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.