ڄامشورو ڀرسان پورهيت نوجوان ڇرين جا وار ڪري قتل

ڄامشورو (رپورٽ: صدرالدين جوڻيجو ) ڄامشورو ڀرسان ڳوٺ الھرکيو کوسو ۾ پورهيت نوجوان کي قتل ڪيو ويو آهي، پراڻي تڪرار  تان جوابدارن ڇرين جا وار ڪري 26 ورهين جي امتياز پٽ منظور تيوڻو کي قتل ڪري ڇڏيو، ان سلسلي ۾ سندس وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان کي ذاتي دشمني تحت قتل ڪيو ويو آھي، ويجھن مائٽن ڇرين جا وار ڪري کيس قتل ڪيو آهي، اطلاع تي ڄامشورو پوليس روايتي سستي برقرار رکندي دير سان پهتي ۽ لاش کڻائي لمس اسپتال منتقل ڪيو. ڄامشورو پوليس موجب معاملو سڱاوتي تڪرار ٿي سگهي ٿو، امتياز تيوڻو مزدوري ڪندو هو ۽ ڳوٺ الهه رکيو کوسو جي هڪ جاءِ تي مسواڙ تي اڪيلو رهندڙ هو، پاڙيسرين ٻڌايو ته رات جو 2 ڄڻا وٽس آيا هئا، ٿي سگهي ٿو انهن کيس قتل ڪيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.