اين ايف سي ۾ پنجاب پنهنجو حق نه ڇڏيندو: مجتبىٰ شجاع الرحمان

لاهور(بيورو)پنجاب جي ناڻي واري وزير مجتبىٰ شجاع الرحمان چيو آهي ته اين ايف سي  ايوارڊ ۾ پنجاب پنهنجو جائز حق ڪنهن به صورت ۾ نه ڇڏيندو. جيڪڏهن اين ايف سي ۾ صوبن جي وسيلن تي ڪا ڪٽوتي ڪئي وئي ته پنجاب پنهنجي حق جو ڀرپور دفاع ڪندو.لاهور ۾ پري بجيٽ رائونڊ ٽيبل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته پنجاب حڪومت هن وقت صوبي ۾ 100 وڏا عوامي پروگرام هلائي رهي آهي، جنهن لاءِ وسيلن جي سخت ضرورت آهي. صوبو پنهنجا مليل وسيلا ڪنهن به حالت ۾ دستبردار نٿو  ڪري سگهي. هن چيو ته پنجاب حڪومت ڏينهن رات عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي ۽ جلد هڪ اهڙو جديد ادارو قائم ڪيو ويندو جتي هڪ ئي ڇت هيٺ سڀئي صوبائي ٽئڪس جمع ڪري سگهبا،هن چيو ته موجوده حڪومت پنهنجي دور جي ٽين بجيٽ 16 جون تي پنجاب اسيمبلي ۾ پيش ڪندي. وزيراعليٰ مريم نواز جي صحت هاڻي بهتر آهي ۽ هن اڄ کان پنهنجي سرڪاري ڪمن جي باقاعدي شروعات ڪري ڏني آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.