اسلام آباد(اطهر ڪاظمي)گلگت بلتستان جي اليڪشن جي حوالي سان ڪافي خبرون هاڻي سامهون اچي چڪيون آهن، تمام گهڻا نتيجا به سامهون اچي چڪا آهن. پاڪستان تحريڪ انصاف هڪ ڀيرو ٻيهر چيو آهي ته اسان سان ڌانڌلي ٿي آهي ڌانڌلي جي حوالي سان هڪ وڏي شاهدي (گواهي) آئي آهي، سوشل ميڊيا تي ڪنهن چينل جو ڪلپ هليو ته پ پ 614 اڳتي، آزاد 831 پٺتي. مطلب ته اهو ئي ڏيکاريو ويو ته پيپلز پارٽي جا ووٽ انڊيپينڊنٽ کان گهٽ آهن شهباز شريف جڏهن چئي ڇڏيو آهي ته هي صاف ۽ شفاف اليڪشن هئا، ته هي ته تمام وڏي شاهدي اچي وئي هاڻي بئريسٽر گوهر جيڪو مرضي چوندو رهي، توهان پريشان ناهي ٿيڻو. هاڻي هن پيپلز پارٽي وارن کي به مبارڪباد ڏئي ڇڏي آهي ۽ هي سڄو معاملو ائين ئي هلي رهيو آهي. هي گلگت بلتستان ۾ به ملي ڪري حڪومت ٺاهيندا، هي ڪٿي به اڪيلي سر عمران خان جي پارٽي جو في الحال مقابلو ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناهن. آزاد ڪشمير مان جيڪي خبرون اچي رهيون آهن، تمام گهڻيون پريشان ڪندڙ آهن، ماڻهو چئي رهيا آهن ته مارجي ويلن جو انگ وڌيڪ ٿي سگهي ٿو پر ڪٿان به تصديق ناهي ٿي،اها هڪ طرح سان پاڪستان پيپلز پارٽي ناڪامي آهي،اتي پ پ جو وزيراعظم آهي،گلگت بلتستان ۾ هڪ ٻي توهان کي حڪومت کپي، بلوچستان ۾ توهان جي حڪومت آهي، ڪهڙي حالت آهي هن وقت بلوچستان جي؟ اتي ڪهڙي سيڪيورٽي آهي؟ آزادڪشمير ۾ اهڙي حالت لڳي پئي آهي،ڪٿي آهي پيپلز پارٽي جي قيادت؟ جيڪڏهن عوام احتجاج ڪري رهيو آهي۽ ايترا توهان مقبول آهيو ته وڃو نه وچ ۾، عوام ۾ ويهو، عوام سان ڳالهايو، مسئلي کي حل ڪريو. ڪٿي توهان کي نظر اچي رهيو آهي ته هي ايڏا عوامي آهن؟ ۽ پوليس چئي رهي آهي ته منظم ڪارروائي ڪندي راولا ڪوٽ ۾ سي ايم ايڇ جو گهيراءُ ختم ڪرايو ويو، 4 پوليس اهلڪارن سميت 7 ڄڻا مارجي ويا. آزاد ڪشمير جي اندر هيءَ صورتحال ڇو پيدا ٿي؟ پيپلز پارٽي پنهنجو وزيراعظم ٺاهي ورتو، پنهنجي حڪومت ٺاهي ورتي. ڇا صرف حڪومت ڪرڻي آهي هن ملڪ ۾ يا ڪو شين کي ٺيڪ به ڪرڻو آهي؟ حڪومت ته سنڌ ۾ به حڪومت آهي، پنجاب ۾ به توهان جي حڪومت آهي، وفاق ۾ به توهان جي حڪومت آهي، ان کان پوءِ توهان جي گلگت بلتستان ۾ به حڪومت بڻجي ويندي. صرف حڪومت ڪرڻي آهي، حڪومت جو پروٽوڪول انجواءِ ڪرڻو آهي يا ڪو ملڪ جي حالتن کي به ڏسڻو آهي؟ جيڪو ڪجهه هي آزاد ڪشمير ۾ ٿي رهيو آهي ۽ جنهن طريقي سان شيون سامهون اچي رهيون آهن، هي انتهائي پريشان ڪندڙ آهي، ان کي بهتر طريقي سان حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪو به شخص جيڪڏهن قانون کي هٿ ۾ کڻي ٿو، ڪو فائرنگ ڪري ٿو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي خلاف، ڪو انهن تي حملو ڪري ٿو، اهو قابلِ مذمت آهي، ان جي خلاف ڪارروائي ٿيڻ کپي. پر اتي هڪ سياسي تحريڪ هلي ٿي ته سياسي ماڻهو ڪٿي آهن؟ ان ۾ ڪا ٻي راءِ ناهي ته ملڪ دشمن ته ان جو فائدو اٿاريندا، ڀارت ان جو فائدو اٿاريندو، اهو ان تي پروپيگنڊا ڪندو، پاڪستان جي خلاف پروپيگنڊا ڪندو. ڇا اسان ڪو طريقو اهو ئي اپنائي ڇڏيو آهي ته جي بس اهو هڪدم سان طاقت جي ذريعي شين کي حل ڪرڻو آهي؟ ڪجهه شيون توهان کي بهتر طريقي سان، ٻيا جيڪي معاملا آهن ان طرح به شين کي اڳتي وڌائڻو پوندو آهي، ٻيا به طريقا آهن ٻئي پاسي جولاءِ کان مئي يعني 11 مهينن ۾ هن حڪومت پيٽروليم ليوي جي مد ۾ پاڪستاني عوام کان 1430 ارب رپيا گڏ ڪيا آهن! بجيٽ ۾ عوام کي ڇا ريليف ملندو؟ آئي ايم ايف جي منظوري جو انتظار ڪيو پيو وڃي ته عوام کي ڇا ريليف ڏنو وڃي. پاڪستان ۾ بچت 30 سالن جي گهٽ ترين سطح تي پهچڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ماڻهن کائڻ جي ماني ناهي ته عوام پئسو ڪٿان بچائيندي؟ معيشت ٺيڪ ٿيڻ جا دعويدار ڪٿي آهن؟جيڪڏهن حڪومت ۽ اتحادين جي ڪارڪردگي ايتري زبردست هئي ته پوءِ ته گلگت بلتستان ۾ شاندار فتح ملڻ کپندي هئي. ٻنهي(پ پ ۽ ن ليگ)مان هڪ به پارٽي اتي واضح سرسي حاصل ناهي ڪري سگهي، ٻنهي کي ملي ڪري حڪومت ٺاهڻي پوندي. حقيقت اها آهي ته اڄ چار سالن کان پوءِ به ٻنهي مان هڪ پارٽي به ان پوزيشن ۾ ناهي جو اها گلگت بلتستان ئي کٽي سگهي، ٻنهي کي ملي ڪري حڪومت ٺاهڻي پوندي. اڃا به ڀٽو جا وارث ۽ ضياءُ الحق جا سياسي جانشين گڏجي ڪري اتي حڪومت ٺاهيندا ۽ ملي ڪري پروٽوڪول انجواءِ ڪندا.