چونڊ نتيجا روڪڻ تي بلاول سخت پيغام موڪليو؟

لاهور( امداد سومرو)آخرڪار پيپلز پارٽي گلگت بلتستان جو ميدان ماري ورتو آهي ۽ سڀ کان اڳتي آهي. هينئر تائين جي نتيجن مطابق پيپلز پارٽي 9 کان 10 سيٽون حاصل ڪري رهي آهي ۽ مسلم ليگ نون کي اتي بدترين شڪست ٿي آهي، هينئر تائين صرف 3 سيٽون مسلم ليگ نون جي حصي ۾ آيون آهن. ڪجهه تڪن جا نتيجا هينئر تائين روڪيا ويا آهن جنهن تي پيپلز پارٽي احتجاج ڪيو آهي. ڪلهه جڏهن چونڊن جا نتيجا اچي رهيا هئا ته ان وقت اسلام آباد ۾ تمام گهڻي هلچل هئي. مسلم ليگ نون کي سڀ کان وڏو جهٽڪو ان ڪري لڳو، بلڪه تمام وڏو جهٽڪو ان ڪري لڳو جو مسلم  ليگ نون اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي چونڊ مهم ميدان ۾ لاهي کيس خطاب به ڪرايو ويو هو، پر اهو به مسلم ليگ نون جي ڪم نه اچي سگهيو.گلگت بلتستان مان پيپلز پارٽي جي ڪجهه اڳواڻن ٻڌايو ته اتي 2 کان 3 آزاد ميمبر پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيندا، بلاول ڀٽو آزاد ڪشمير جي پارلياماني پارٽي ۾ مصروف هو ته نتيجا اچڻ سستي جو شڪار ٿيڻ شروع ٿيا ۽ اتي اها شڪايت آئي ته کين فارم 45 پيپلز پارٽي جي اميدوارن کي ناهي ڏنو پيو وڃي، ته بلاول ڀٽو زرداري ڪٿي رابطا ڪيا آهن ۽ هن چيو ته هي ڪنهن به صورت ۾ قابلِ قبول نه هوندو. جيڪڏهن ڪٿي تبديلي ٿي رزلٽ ۾ ته پوءِ اسان ان طرح نٿا هلي سگهون. وفاقي حڪومت تائين هي پيغام پهتو ۽ ان کان پوءِ اسحاق ڊار بلاول ڀٽو وٽ پهتو، جي بي (گلگت بلتستان) جي چونڊن ۽ ڪشمير جي معاملي تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي جڏهن ته بلاول ڀٽو آزاد ڪشمير ۾ خراب صورتحال تي پنهنجي حڪومت کي ڇنڊ پٽي، اڳواڻن کي چيو ته شين کي  سياسي طور  ڊيل ڇو نه ڪري سگهيا آهن؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.