اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سنڌ ۾ برساتي پاڻي کڻي ايندڙ گاج نئين تي ٺهندڙ گاج ڊيم ڪيترن ئي ورهين کان رولڙي جو شڪار آهي. ان سلسلي ۾ گاج ڊيم بابت هلندڙ ڪيس ۾ واپڊا جي وڪيل عدالت ۾ دليل ڏيندي انڪشاف ڪيو ته گاج ڊيم جي شروعاتي بجيٽ 26 ارب رپيا هئي، جڏهن ته ٺيڪيدار 36 ارب رپيا اضافي ورتا آهن. چيف جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ وفاقي آئيني عدالت ۾ نئين گاج ڊيم جي تعمير ۾ دير بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جتي عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 11 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل امير رحمان کي ايندڙ ٻڌڻي تي دليل پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ٻڌڻي دوران، واپڊا ۽ ٺيڪيدار جي وڪيل پنهنجا پنهنجا دليل مڪمل ڪيا. واپڊا جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته گاج ڊيم جي شروعاتي بجيٽ 26 ارب رپيا / مقرر ڪئي وئي پر ٺيڪيدار کي 26 ارب رپين کان علاوه 36 ارب رپيا واڌو مليا آهن. انهن دليل ڏنو ته اضافي ادائيگين جي باوجود، منصوبي جو 50 سيڪڙو به مڪمل نه ٿي سگهيو.واپڊا جي وڪيل وڌيڪ چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ به ٺيڪيدار کي منصوبي جي مڪمل ٿيڻ لاءِ هڪ وقت ڏنو هو، پر ان جي باوجود، منصوبو مڪمل نه ٿيو. ٻئي طرف، ٺيڪيدار جي وڪيل مسعود خان موقف اختيار ڪيو ته سپريم ڪورٽ کي 2019 ۾ ٻڌايو ويو هو ته منصوبي جو 50 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو آهي. هن عدالت کي ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ اهو به لکيو هو ته منصوبي ۾ دير جو مکيه سبب فنڊن جي غير موجودگي هئي. ٺيڪيدار جي وڪيل موجب، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن پاران گهربل فنڊ فراهم نه ڪيا ويا، جنهن منصوبي جي رفتار کي متاثر ڪيو. هن اهو به چيو ته 2024 کان وٺي، ٺيڪيدار فنڊن جي عدم دستيابي سبب منصوبي تي ڪم بند ڪري ڇڏيو آهي.