اسلام آباد(ابصار عالم) بجيٽ بابت پهرين اعلان ڪيو ويو هو ته 5 جون تي ايندي، پوءِ چيو ويو ته 10 جون تي ايندي، هاڻي اهي معلومات آيون آهن ته شايد بجيٽ 10 جون تي به ممڪن ناهي. ان جو سبب ڪهڙو آهي؟ ان جو سبب اهو آهي ته گلگت بلتستان ۾ جيڪو چونڊن جو نتيجو آيو آهي، اهو شايد پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ ان هائبرڊ نظام لاءِ ٿورو حيران ڪندڙ آهي، جنهن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي سڀ کان وڌيڪ سيٽون حاصل ڪيون آهن. اتي پاڪستان پيپلز پارٽي جي پوري قيادت موجود هئي، انهن تمام سٺي اليڪشن مهم هلائي هن وقت ملڪ ۾ جيتري مھانگائي آهي، جيترا بجلي، گئس جا وڌيل اگهه آهن ان کان پوءِ جي ڊي پي گروٿ تمام گهٽ آهي، گلگت ۾ چونڊ نتيجن ۾ عوام هڪ طرح سان ن ليگ کان بيزاري ظاهر ڪئي آهي،جيڪڏهن پاڪستان پيپلز پارٽي آزاد اميدوارن کان سپورٽ حاصل ڪري ٿي وٺي ته اها پاڪستان مسلم ليگ (ن) کان سواءِ ئي گلگت بلتستان ۾ حڪومت ٺاهي وٺندي، پر اها حڪومت تمام ڪمزور هوندي، ان ڪري امڪان اهي ئي آهن ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ملي ڪري گلگت بلتستان ۾ حڪومت ٺاهينديون. ان سلسلي ۾ ٻنهي طرفن کان اختلاف آهن ٻئي پاسي آزاد ڪشمير ۾ جيڪو احتجاج ٿيو آهي، پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ وفاقي حڪومت اهو سمجهي ٿي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي جنهن جي حڪومت آهي اتي، ان کي پهرين ڇهن مهينن کان بهتر پرفارم ڪرڻ کپندو هو ۽ اها صورتحال هتي تائين اچڻ نه ڏيڻ کپندي هئي. پر، هڪ سازشي ٿيوري به هتي هلي رهي آهي، جنهن جي ڪري اختلاف ٿيا، سنڌ ، بلوچستان ۾ پ پ جي حڪومت آهي خيبر پختونخوا ۽ پنجاب ۾ ان جا گورنر آهن سينيٽ چيئرمين ۽ صدرِ مملڪت پاڪستان پيپلز پارٽي جو آهي.پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجي سياست جي ذريعي، پنهنجي سياسي مهارت جي ذريعي ان کان وڌيڪ وڏو حصو حاصل ڪيو آهي. ان ڪري انهن جو جيڪو خيال آهي، اهو هي آهي ته آزاد ڪشمير ۾ ايندڙ چونڊون ٿين ته اتي به پاڪستان پيپلز پارٽي کٽي ۽ اتي به ايندڙ وزيراعظم به انهن جو ئي اچي. ان سان گڏ جيڪا اهي وفاقي حڪومت سان بارگيننگ ڪن ٿا اها وڏي دلچسپ آهي. وفاق اهو چاهي رهيو آهي ته صوبا 1700 ارب رپيا مختلف مدن مان گڏ ڪري وفاق کي ڏين ته جيئن وفاق پنهنجو خرچ هلائي سگهي، جنهن تي صوبن کي اعتراض ۽ خدشا آهن. ان ڪري قومي اقتصادي ڪائونسل ۾ ان جو فيصلو ٿيڻو آهي، اها ميٽنگ ناهي ٿي سگهي بجيٽ پاس ڪرڻ لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي گلگت بلتستان ۾ پهرين پنهنجي حڪومت ٺاهيندي ۽ ان کان پوءِ اها بجيٽ پاس ٿيڻ جي اجازت ڏيندي، ته هي پاڻ ۾ جڙيل آهي. جيستائين گلگت بلتستان جي وڏي وزير جو فيصلو نٿو ٿئي، تيستائين بجيٽ جي تاريخ جو فيصلو نه ٿيندو، ٻئي پاسي 18هين ترميم يا اين ايف سي ايوارڊ ۾ ڪا به ڊگهي مدي واري تبديلي جيڪڏهن آڻڻي آهي جنهن جا وڏا اثر هجن، ان لاءِ جيڪڏهن پاڪستان پيپلز پارٽي مڃيندي ته اها آزاد ڪشمير جي حڪومت وٺي مڃيندي. ان مان توهان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجا سياسي پتا ڪهڙي مهارت سان کيڏندي آهي، ۽ الزام سڄو پاڪستان مسلم ليگ (ن) کي کڻڻو پئجي رهيو آهي؛ مھانگائي جو به، بلن جي وڌڻ جو به، جي ڊي پي جي گهٽ اوسر جو به ۽ آءِ ايم ايف جي سخت شرطن جو به. جيڪڏهن پاڪستان پيپلز پارٽي سياسي مهارت بهتر ڏيکاري رهي آهي ۽ پاڪستان مسلم ليگ ان ۾ ناڪام آهي، ته پاڪستان مسلم ليگ کي پنهنجي حڪمت عملي تي غور ڪرڻ کپي، پنهنجي پاليسين تي غور ڪرڻ کپي ۽ پنهنجي سياست جي انداز تي غور ڪرڻ کپي.