ايراني فوج طرفان اسرائيل خلاف ڪارروائين روڪڻ جو اعلان، حتمي مقصد حاصل ڪرڻ جي ويجهو آهيون: شهباز شريف
اسلام آباد/تهران/واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ ٻيهر وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ حملن تي ردعمل ڏيندي سمورين ڌرين کان مطالبو ڪيو آهي ته امن لاءِ صبر جو مظاهرو ڪيو وڃي، خاص طور تي اهڙي وقت ۾ جڏهن ”حتمي مقصد حاصل ٿيڻ جي ويجهو آهي.“
ٻئي پاسي ايراني خاتم الانبياءِ مرڪزي هيڊڪوارٽر چيو آهي ته ڏکڻ لبنان ۽ بيروت جي علائقي ضاحيه ۾ اسرائيلي ڪارروائين جي جواب ۾ ايراني فوجن سخت ۽ دردناڪ ردعمل ڏنو ۽ هاڻي اهو آپريشن روڪيو ويو آهي.
بيان ۾ چيو ويو ته صهيوني حڪومت طرفان ڏکڻ لبنان ۽ ضاحيه ۾ ڪيل جارحيت ۽ ظلمن جي جواب ۾ اسلامي جمهوريه ايران جي هٿياربند فوجن لبناني مظلوم عوام جي حمايت ۾ اسرائيل کي سخت ۽ دردناڪ جواب ڏنو.
بيان موجب اهو اهڙو ردعمل هو جنهن مان صهيوني حڪومت ۽ ان جي حامين کي سبق سکڻ گهرجي.
خاتم الانبياءِ مرڪزي هيڊڪوارٽر اعلان ڪيو ته هٿياربند فوجن طرفان ڪارروائيون روڪيون ويون آهن، پر خبردار ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن جارحيت ۽ ظلمن جو سلسلو جاري رهيو ته ان کان وڌيڪ سخت ۽ تباهه ڪندڙ قدم کنيا ويندا.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ شهباز شريف چيو ته وچ اوڀر ۾ تازي ڇڪتاڻ ان خطري ڏانهن اشارو ڪري ٿي جيڪو نازڪ جنگبندي سان واڳيل هوندو آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ برداشت نه ڪرڻ جوڳا نتيجا نڪري سگهن ٿا.
وزيراعظم وڌيڪ چيو ته جڏهن پاڪستان پنهنجن ڀائرن ۽ ڀائيوارن سان گڏجي هن تڪرار جي پرامن سفارتي حل لاءِ سنجيدگي ۽ مسلسل ڪوششن ۾ مصروف آهي، خاص طور تي اهڙي وقت ۾ جڏهن حتمي مقصد حاصل ٿيڻ جي ويجهو هجي، ته پاڪستان سمورين ڌرين کي صبر جو مظاهرو ڪرڻ ۽ امن کي هڪ ٻيو موقعو ڏيڻ جي اپيل ڪري ٿو.
ان کان اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ به دعويٰ ڪئي هئي ته اسرائيل ۽ ايران ٻئي فوري جنگبندي چاهين ٿا.
سوشل ميڊيا پليٽفارم تي جاري بيان ۾ هن چيو ته اسرائيل ۽ ايران ٻنهي جي خواهش آهي ته فوري جنگبندي ٿئي.
سندس چوڻ هو ته امن بابت حتمي ڳالهيون جاري آهن، پر چريائپ يا بيوقوفي ان عمل ۾ رنڊڪ بڻجي سگهي ٿي.
هن وڌيڪ چيو ته حتمي معاهدي تائين ناڪابندي برقرار رهندي ۽ مڪمل شدت سان لاڳو رهندي، ۽ معاملن کي تيزي سان اڳتي وڌڻ گهرجي.
رپورٽن موجب صدر ٽرمپ اسرائيلي وزيراعظم بينيامين نيتن ياهو سان ٽيليفون تي رابطو پڻ ڪيو هو.
واضح رهي ته ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ گذريل ڏينهن کان هڪ ٻئي تي ڪيترائي حملا ڪيا ويا آهن.
علائقي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب ٻنهي ملڪن وچ ۾ فوجي ڪارروائين جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته ايران به اسرائيلي حملن جي جواب ۾ جوابي ڪارروائيون ڪيون آهن.
ياد رهي ته پاڪستان ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ هڪ اهم ٽياڪڙ طور رهيو آهي. پاڪستان جي ٽياڪڙي ۾ ايراني ۽ آمريڪي وفدن جي وچ ۾ ڳالهين جو هڪ دور 11 ۽ 12 اپريل تي اسلام آباد ۾ ٿيو هو.
اسلام آباد ان ئي مهيني جي آخر ۾ ڳالهين جي هڪ ٻئي دور لاءِ تياري پڻ ڪئي هئي، پر اهو ٿي نه سگهيو هو.