حيدرآباد(نمائندا) قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي عظيم مفڪر رسول بخش پليجو جي اٺين ورسي سڄي سنڌ ۾ ملھائي وئي. ان ڏس قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ مظھر راھوجو جي اڳواڻي ۾ مڪلي کان ريلي ڪڍي جنگشاھي ڀرسان ڳوٺ منگر خان پليجو ۾ رسول بخش پليجو جي مزار تي پھچي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙھي ۽ سلامي پيش ڪري کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي. قومي عوامي تحريڪ جو مرڪزي اڳواڻ شوڪت تنيو، منان شيخ، فرحان لاڙڪ، اشفاق چنڙ، فياض اُتيرو، سانول گوپانگ اعجاز پليجو، مرتضي لاشاري، ۽ ٻيا اڳواڻ موجود ھئا. حيدرآباد ۾ سائيٽ ايريا جي علائقي ۾ نظاماڻي ھائوس تي ورسي تقريب ٿي، جنھن جي صدارت سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ زينت سمون ڪئي، جڏھن ته قومي عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد جي صدر نذير بليدي، بابو ميمڻ، نور حسن جمالي، سنڌياڻي تحريڪ جي جنرل سيڪريٽري نصرت خاصخيلي، خير جان چانڊيو ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيا. ٺل ۾ تقريب کي مرڪزي سينئر نائب ايڊووڪيٽ روشن ڪنراڻي، گل کوسو،ربنواز ڪنراڻي، وهاب سنڌي، عثمان سومرو ۽ ٻين خطاب ڪيو،شڪارپور ۾ ايڊووڪيٽ زاھد احمد ڀنڀرو، ايڊووڪيٽ ظفر علي چنا، ڊاڪٽر وزير گھنيو، شاھنواز ابڙو، امداد سومرو، خير محمد ناپر، عامر بابلاڻي، ڊاڪٽر محمد اسماعيل شيخ ۽ ٻين خطاب ڪيو، نيشنل پريس ڪلب ڄام صاحب ۾ ورسي تقريب کي ڪامريڊ ابراهيم بگٽي، مير محمد منگي، مير مرتضي،شر، محمد حسن پلهھ، علي خان مري، شاھنواز چانڊيو، ڪامريڊ ڪاشف شاھ، محرم منگي، چيتن ڀيل ۽ ٻين خطاب ڪيو، ميھڙ پريس ڪلب ۾ منور جتوئي،سومر چانڊيو،مير کوسو ايڊووڪيٽ،حبيب چانڊيو ،سلمان چانڊيو ،جاويد چانڊيو،ارشاد علي گاڏھي،علي مهيسر،سلمان چانڊيو مسعود احمد تيوڻو خطاب ڪيو .شھدادپور ۾ محمود رخشاڻي،زبير ماڪوڙاڻي، صدام کوسو،لاڙڪاڻي ۾ سڪندر لاشاري، اسلم سومرو، نصيرآباد ۾ ايڊووڪيٽ عنايت تنيو۽ ٻين خطاب ڪيو، ٽنڊو محمد خان جي شھر مويا ۾ آڪاش رند، ڊاڪٽر منظور رند رمضان رند، حنيف باگراڻي خطاب ڪيو مٽياري ۾ ماجد خاصخيلي، نعيم احمد، ظفر خاصخيلي، مورو ۾ مرڪزي اڳواڻ خان سومرو، ھدايت الله سومرو، غلام نبي لاکو، ڪوٽڙي ۾ مرڪزي اڳواڻ شبير ساند، مقصود جھتيال، ذاڪر گرگيز ۽ ٻين خطاب ڪيو. ڪڙيو گهنور، کورواھ، تلھار، بدين، ڄامشورو، سن، گلشن حديد ڪراچي، ٻنون، قادر ڏنو شاھ موري، جنھاڻ سومرو، نئون ديرو، سيتا روڊ، ھنگورجا، سڪرنڊ سميت سڄي سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ورسي ملهائي وئي. ان موقعي تي ايڊووڪيٽ مظھر راھوجو مزار تي خطاب چيو ته رسول بخش پليجو شاھ جي آخري ھڏي تائين قوم، وطن ۽ سنڌ جي عوام سان وفادار رھيو سنڌو درياءَ تي ڌاڙي ۽ سنڌ تي ٿيندڙ ظلم خلاف وڙھندو رھيو. رسول بخش پليجو سنڌ سگھارو آواز ھو سندس جدوجهد جي ڪري ھو تاريخ ۾ سدائين زندھ رھندو. ناھيد جوڳي چيو ته رسول بخش پليجو انقلابي شعور رکندڙ دلير اڳواڻ ۽ شينهن مڙس ھو. رسول بخش پليجو سنڌ ۽ مظلوم عوام جي اميد ۽ حوصلو ھو. قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي رسول بخش پليجو جي اٺين ورسي جي موقعي تي پيغام ڏيندي چيو ته رسول بخش پليجي سرداري، جاگيرداري نظام ۽وڏيرا شاهي خلاف جدوجھد ڪئي رسول بخش پليجي ڪارو ڪاري خلاف سنڌ جي عورتن کي سجاڳ ۽ منظم ڪيو رسول بخش پليجي سنڌو درياءَ تي ڌاڙي ۽ ڪالاباغ ڊيم خلاف تاريخي جدوجھدن ۽ لانگ مارچ ڪيا رسول بخش پليجي سنڌ جي عوام کي وقار سان جيئڻ سيکاريو،هن چيوته رسول بخش پليجو سنڌ ۽ مظلوم عوام جي حقن جو سپھ سالار ھو رسول بخش پليجو ڪرپشن، آمريت، انتھاپسندي ۽ عوام دشمن جاگيرداري ۽ سرمائيداري ظلم خلاف جنگ جو نالو ھو رسول بخش پليجي شھيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسي کان بچائڻ ۽ جمھوريت جي بحالي لاءِ ايم آر ڊي جا بنياد وجھي آمريت جون پاڙون اکيڙي ڇڏيون،هن چيو ته رسول بخش پليجي ون يونٽ، ضيا شاھي، مشرف جي آمريت، درياھ تي ڌاڙي ، ڪرپشن ۽ سنڌ دشمن منصوبن خلاف تاريخي جدوجھدون ڪيون هن چيو ته پنجاب سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي سنڌ کي رڻ پٽ ۽ بيابان ۾ تبديل ڪرڻ ۽ سنڌ جي عوام کي پاڻي لاءِ تڙپائي مارڻ چاھي ٿي سنڌو درياھ تي مسلسل ڌاڙن سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ڀڙڀانگ ڪري ڇڏي آھي۔ سمنڊ ٺٽي، سجاول ۽ بدين جي ساحلي پٽي وارا تعلقا تيزي سان ڳڙڪائي رھيو سمنڊ ۾ درياھ جو ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري تمر جا ٻيلا ختم ٿي ويا آھن۔ ڪوٽڙي کان ھيٺ سمنڊ تائين درياھ جي ڪنڌي سان رھندڙ لکين آبادي غربت، بک، بدحالي جو شڪار ٿي وئي آھي،هن چيو ته 28ھين ترميم ملڪ خلاف سازش آھي. سنڌ فتح ڪيل علائقو ناھي.انچ انچ جي حفاظت ڪنداسين. سازش تحت قبيلائي جھيڙا، انتهاپسندي ۽ ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جون ڳالھيون ڪيون پيون وڃن. ڪا به سنڌ دشمن سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.