ملڪ اندر مذهبي انتهاپسندي ۾ واڌارو ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي:ذوالفقار علي شاهه

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ چوٿون غمناڪ حسيني ادبي ميلو شروع، صوفي فڪر ۽ رواداري کي هٿي ڏيڻ لاء  مختلف موضوعن تي سيشن ۽ علمي ادبي سرگرميون ٿينديون.علمي، ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين جي مرڪز حيدرآباد ۾ نامياري صوفي  شاعر غلام رسول شاهه "غمناڪ حسيني” جي چوٿين ورسي جي مناسبت سان چوٿون "غمناڪ حسيني ادبي ميلو” شاندار نموني شروع ٿي ويو، جيڪو ٻن ڏينهن تائين جاري رهندو. ادبي ميلي جو باقاعده افتتاح سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت واري وزير سيد ذوالفقار علي شاهه ڪيو. ان موقعي تي حيدرآباد جي ڪمشنر فياض حسين عباسي،سيد امداد علي شاهه بخاري سميت مختلف علمي، ادبي  شخصيتون پڻ موجود هيون.افتتاحي تقريب جي شروعات حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي وائي سان ڪئي وئي، جيڪا درگاهه ڀٽ شاهه جي راڳي فقير سيد جمن شاهه پيش ڪئي جنهن کان پوءِ ميلي جي مختلف سرگرمين جو باقاعده آغاز ڪيو ويو. ان موقعي تي خطاب ڪندي ثقافت واري وزير سيد ذوالفقار علي شاهه چيو ته اهڙا ادبي ميلا ۽ ثقافتي سرگرميون سنڌ جي صوفيانه روايتن کي اجاگر ڪرڻ سان گڏوگڏ محبت، امن ۽ مذهبي رواداري جو پيغام عام ڪن ٿيون.  هن چيو ته موجوده دور ۾ ملڪ اندر مذهبي انتهاپسندي ۾ واڌارو ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي، جنهن جي تدارڪ لاءِ صوفي شاعرن ۽ بزرگن جي انسان دوست فڪر کي عام ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته جيتوڻيڪ سنڌ ۾ مختلف ادبي ۽ ثقافتي ميلا منعقد ٿيندا رهن ٿا، پر غمناڪ حسيني ادبي ميلو پنهنجي نوعيت جو منفرد ميلو آهي، جيڪو سنڌ جي روادار، سيڪيولر ۽ صوفيانه سڃاڻپ کي وڌيڪ نمايان ڪري ٿو. ميلي دوران مختلف ادبي، فڪري ۽ ثقافتي سيشن منعقد ڪيا ويندا، جڏهن ته ڪتابن جا اسٽال پڻ لڳايا ويا آهن. ميلي جي پڄاڻي تي هر روز موسيقي جي محفل منعقد ڪئي ويندي، جنهن ۾ سنڌ جا نامور فنڪار پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.