وفاقي بجيٽ کان اڳ سولر پينلز جي اگهن ۾ وڏي واڌ، انورٽرز به مهانگا ٿيڻ جو خدشو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي بجيٽ اچڻ کان اڳ ئي سولر انڊسٽري ۾ قيمتن جو نئون رجحان سامهون آيو آهي ۽ مختلف صلاحيت وارن سولر پينلز جي اگهن ۾ وڏي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
بجيٽ جي اچڻ کان اڳ مارڪيٽ ۾ سولر پينلز جي اگهن ۾ هن اوچتي واڌ واهپيدارن ۽ سيڙپڪاري جي خواهشمند ماڻهن جي ڳڻتي وڌائي ڇڏي آهي.
مارڪيٽ ذريعن موجب، سولر پينلز جي في پليٽ قيمت ۾ 7 هزار کان 9 هزار رپين تائين واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ 585 واٽ جو سولر پينل جيڪو اڳ اٽڪل 18 هزار رپين ۾ دستياب هو، هاڻ 27 هزار رپين تائين پهچي ويو آهي.
اهڙي طرح 645 واٽ جي سولر پينل جي قيمت 22 هزار رپين کان وڌي 31 هزار 200 رپيا ٿي وئي آهي، جڏهن ته 720 واٽ جي پينل جي قيمت 25 هزار رپين کان وڌي 33 هزار 500 رپين تائين پهچي وئي آهي.
ٻئي پاسي مارڪيٽ حلقن جو چوڻ آهي ته رڳو سولر پينلز ئي نه پر انورٽرز جي قيمتن ۾ پڻ واڌ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.