”سيف ۽ ڪرينا فلم جا ڪم لاهي ڇڏيا“ بالي ووڊ جوڙي بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي فلم ”ايجنٽ ونود“ جي ناڪامي بابت نوان انڪشاف سامهون آيا آهن.
جڏهن بالي ووڊ جي اسپاءِ ٿرلر فلم ايجنٽ ونود رليز ٿي هئي ته ان سان تمام وڏيون اميدون واڳيل هيون، ڇو ته فلم ۾ اداڪار سيف علي خان ۽ هدايتڪار سري رام راگھون جي ڪامياب جوڙي شامل هئي، ان ڪري اندازو لڳايو پئي ويو ته هي سال جي سڀ کان وڏي هِٽ ثابت ٿيندي، پر رليز کان پوءِ فلم باڪس آفيس تي ناڪام ٿي وئي ۽ بعد ۾ پاڻ هدايتڪار به ان کي ”مٿي جو سور “ قرار ڏنو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، هاڻي فلم جي هڪ اداڪار لليت پريمو هڪ انٽرويو ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته ايجنٽ ونود جي ناڪامي جو وڏو ڪارڻ مک اداڪارن سيف علي خان ۽ ڪرينا ڪپور جي ضرورت کان وڌيڪ مداخلت هئي.
هن اهو به چيو ته سري رام راگھون به ٻنهي اداڪارن جي مداخلت جو ذڪر ڪيو هو، جنهن جو آخري نتيجو فلم جي فلاپ ٿيڻ جي صورت ۾ نڪتو.
لليت پريمو چيو ته ”منهنجي خيال ۾ فلم جي ناڪامي جو سڀ کان وڏو سبب اهو هو ته سيف علي خان ۽ ڪرينا ڪپور ان ۾ ڏاڍي مداخلت ڪئي، سري رام راگھون جنهن انداز ۾ فلم ٺاهڻ چاهي پيو، ان نموني نه ٺهي سگهي.“
هن وڌيڪ چيو ته ”ڊائريڪٽر کي مسلسل هدايتون ڏنيون پئي ويون ته ڇا ڪرڻ گهرجي ۽ نيٺ فلم سان جيڪو ٿيو اهو سڀني جي سامهون آهي.“
اداڪار موجب، فلم جي ڪهاڻي لکڻ ۽ ڊائريڪشن ٽيم جنهن طريقي سان ڪم ڪرڻ چاهيو پئي، اهو مڪمل طور تي نه ٿي سگهي ۽ اها ئي فلم جي وڏي خامي هئي.
هن اِهو به چيو ته ”فلم اصل ۾ ڊائريڪٽر ٺاهي ٿو، جيڪڏهن وٽس واضح ويزن هجي ته ٻين کي ان جي پيروي ڪرڻ گهرجي، پر جيڪڏهن اداڪار رڳو پنهنجي اسٽار پاور جي بنياد تي مشورا ڏين ته فلم تباهه ٿي وڃي ٿي.“
ان کان اڳ هڪ انٽرويو ۾ سري رام راگھون به ايجنٽ ونود جي ناڪامي تي ڳالهائيندي چيو هو ته ”هن جي هڪ وڏي غلطي اها هئي ته هن ڪهاڻي کي گهٽ اهميت ڏني ۽ سينز تي وڌيڪ ڌيان ڏنو.“
فلم ڊائريڪٽر اهو به اعتراف ڪيو هو ته فلم ”ايتري سٺي نه ٺهي جيتري هجڻ گهرجي ها.“
هن چيو ته فلم هن لاءِ ”مٿي جو سور “ بڻجي وئي ۽ ڏسندڙن لاءِ به ٿڪائيندڙ ثابت ٿي، ها پر سندس چوڻ هو ته فلم ۾ ڪجهه بهترين سينز پڻ شامل آهن جيڪي کيس وڻيا آهن.
واضح رهي ته سال 2012 ۾ رليز ٿيل هن فلم ۾ سيف علي خان ڀارت جي ڳجهي ايجنسي ”را“ جي ايجنٽ جو ڪردار ادا ڪيو هو، جڏهن ته ڪرينا ڪپور پاڪستاني ايجنسي ”آءِ ايس آءِ“ جي ايجنٽ طور نظر آئي هئي، رليز کان پوءِ فلم تي سرحد جي ٻنهي پاسي ڇتي تنقيد ٿي هئي.
سيف علي خان ۽ ڪرينا ڪپور بالي ووڊ جي ڪيئي فلمن ۾ گڏ ڪم ڪري چڪا آهن، جن ۾ ”ايل او سي ڪارگل“، ”اومڪارا“، ”ٽشن“، ”قربان“۽ ”ايجنٽ ونود“ شامل آهن

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.