واشگنٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران وٽ رڳو 21 کان 22 سيڪڙو ميزائل باقي بچيا آهن، ان وٽ نيٺ معاهدي کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نه هوندو، ايران اهي قدم کڻڻ تي مجبور ٿيندو جن بابت هن ڪڏهن سوچيو به نه هو.
هڪ انٽرويو دوران صدر ٽرمپ چيو ته جنگ جي حل ۾ وقت لڳندو آهي، اهي ڪم ترت نه ٿيندا آهن.
صدر ٽرمپ چيو ته ايران وٽ نيٺ معاهدي کانسواءِ ڪو ٻيو رستو نه هوندو، ايران اهي قدم کڻڻ تي مجبور ٿيندو جن جو هن ڪڏهن تصور به نه ڪيو هو. ايران جنگ بندي لاءِ معاهدي تي اتفاق نه ڪيو آهي.
ٽرمپ چيو ته ايران اتفاق ان ڪري نه ڪيو ڇاڪاڻ ته هو طاقتور ۽ غيرتمند آهي، جيڪڏهن مان ڊيموڪريٽ هجان ها ته ڪو نه پڇي ها ته جنگ ڪڏهن کٽي ويندي.
ان کان اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته منهنجي انتظاميا کي ايران واري معاملي تي زبردست ڪاميابي حاصل ٿي رهي آهي.
صدر ٽرمپ چيو ته ايران وٽ ايٽمي هٿيار نه هوندا، ايران ايٽمي هٿيار رکڻ جي پوزيشن ۾ ناهي.
هن چيو ته هرمز واري سامونڊي لنگهه مان ڪيترائي آئل ٽينڪر گذريا آهن، انگ ٻڌائڻ نٿو چاهيان، آبناءِ هرمز جو بحران حل ٿيڻ ۾ وڌيڪ وقت نه لڳڻ گهرجي، هرمز جي صورتحال معمول تي اچڻ کانپوءِ تيل جا اگهه گهٽجي ويندا.
صدر ٽرمپ وڌيڪ چيو ته ممڪن آهي ته تيل جون قيمتون اڳي کان به گهٽجي وڃن.