آمريڪا فٽبال ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت لاءِ ايراني ٽيم کي ويزائون جاري ڪري ڇڏيون

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا پاران ايران جي قومي فٽبال ٽيم کي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت لاءِ ويزئون جاري ڪيون ويون آهن.
برطانوي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، وائيٽ هائوس جي اختيارين تصديق ڪئي آهي ته هلندڙ مهيني شروع ٿيندڙ فيفا ورلڊ ڪپ لاءِ ايران جي قومي فٽبال ٽيم کي ويزائون جاري ڪيون ويون آهن.
وائيٽ هائوس جي هڪ عملدار موجب، ايراني فٽبال ٽيم جي رانديگرن کي آمريڪا ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ويزائون ڏنيون ويون آهن.
ان کان اڳ ميڪسيڪو ۾ ايران جي سفير ابوالفضل پسنديده خميس جي رات چيو هو ته ٽيم کي هن وقت تائين آمريڪي ويزائون نه مليون آهن، جڏهن ته وائيٽ هائوس جي اهلڪار موجب ويزائون رات پيٽ ۾ جاري ڪيون ويون آهن.
رپورٽن موجب، ايراني فٽبال فيڊريشن ان حوالي سان في الحال ڪو به ردعمل نه ڏنو آهي.
ايراني ميڊيا جو چوڻ آهي ته آمريڪا اڃا تائين ورلڊ ڪپ لاءِ ايراني فٽبال ٽيم جي ڪجهه ٽيڪنيڪل اسٽاف کي ويزا جاري نه ڪيا آهن.
واضح رهي ته ايران جي فٽبال ٽيم ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي گروپ ”جِي “ جي پهرين ميچ 15 جون تي نيوزيلينڊ سان لاس اينجلس ۾ کيڏندي.
ايراني فٽبال ٽيم جو لاس اينجلس ۾ ئي بئلجيم جي ٽيم سان به مقابلو ٿيندو، ان کانپوءِ سياتل ۾ ايراني ٽيم جو مصر سان مقابلو شيڊيول آهي..

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.