لارڊز جي پچ بيٽرن لاءِ ڀوائتو خواب بڻجي وئي، آءِ سي سي جاچ جو خدشو

لنڊن (ويب ڊيسڪ ڪرڪيٽ جي گهر تاريخي لارڊز ڪرڪيٽ گرائونڊ جي پِچ انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ جي وچ ۾ جاري ٽيسٽ ميچ دوران سخت تنقيد جي نشاني تي آهي.
ميچ جي شروعاتي ٻن ڏينهن دوران مجموعي طور تي 33 وڪيٽون ڪِرڻ، غير متوازن بائونس ۽ بال جي ڪجهه وقت غير معمولي طور تي هيٺ رهڻ سبب اڳوڻن ڪرڪيٽرن پچ جي معيار تي سوال اٿاريا آهن ۽ ان خدشي جو به اظهار ڪيو پيو وڃي ته اها وڪيٽ آءِ سي سي جي اسڪروٽنيءَ (جاچ) کي منهن ڏئي سگهي ٿي.
انگلش بيٽر جيڪب بيٿل ڪيوي فاسٽ بالر ميٽ هينري جي هڪ اهڙي ئي بال تي آئوٽ ٿيو جيڪا اميد کان گهڻو هيٺ رهيو، جنهن تي ڪامينٽيٽرز به تبصرا ڪيا.
اڳوڻي آسٽريلوي وومين ڪرڪيٽر چيو ته توهان اهڙي بال تي ڪجهه به نٿا ڪري سگهو، چوٿين اننگز ۾ نيوزيلينڊ کي اها پچ تنگ ڪندي.
ٻئي پاسي انگلينڊ جي اڳوڻي فاسٽ بالر اسٽورٽ براڊ چيو ته جيڪب بيٿل ان بال تي ڪجهه به نه ڪري سگهي ها.
مائيڪل ايٿرٽن چيو ته پچ جي بائونس ۾ تسلسل جي کوٽ آهي، ان ڪري ايل بي ڊبليو جا امڪان وڌي ويا.
مائيڪل ايٿرٽن اِهو به چيو ته مون کي نه ٿو لڳي ته هيءَ هڪ سٺي پچ آهي، ايم سي سي کي مڃڻو پوندو ته لارڊز جي پچ سٺي ناهي، گذريل سال انگلينڊ ۽ ڀارت وچ ۾ به ٽيسٽ ميچ سٺي ٿي هئي پر پچ سٺي نه هئي.
اڳوڻي ڪپتان ناصر حسين جو چوڻ آهي ته لارڊز گرائونڊ جو وچ واري حصو سٺو ناهي، ان کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، پچ ۾ پيس جي کوٽ آهي، بائونس گهٽ آهي ۽ سيم ان وقت ٿئي ٿو جڏهن آسمان ڪڪر ڇانيل هجن ٿا، جنهن قسم جي ڪوالٽي بالنگ آهي، اهڙي پچ تي بيٽنگ ڪرڻ ڏُکيو آهي، بيٽرن لاءِ اڻ برابري غير متوازن بائونس کان وڌيڪ خراب ٻي ڪا شيءِ ناهي.
ميچ جي صورتحال
ميچ جي صورتحال تي نظر وجهون ته پهرين ڏينهن 16 ۽ ٻئي ڏينهن 17 وڪيٽون ڪِريون، انگلينڊ پهرين اننگز ۾ 140 رنسون ٺاهيون، جنهن جي جواب ۾ ڪيوي ٽيم پنهنجي پهرين اننگز ۾ 113 رنسون ٺاهي 27 رنسن جي خساري ۾ هلي وئي.
ٻي اننگز ۾ ميزبان ٽيم 27 رنسن جي سرسيءَ سان 226 رنسون ٺاهيون ۽ ائين نيوزيلينڊ کي کٽڻ لاءِ 254 رنسن جو هدف مليو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.