بجيٽ: سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ ڪيتري واڌ ٿيندي؟ اهم خبر اچي وئي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت مالي سال 27-2026 جي بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 کان 15 سيڪڙو واڌ جي تجويز ڏني آهي.
وزيراعظم شهباز شريف ايندڙ مالي سال جي بجيٽ تي مشاورت ڪئي آهي، مشاورت جمعي جي ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ ڪئي وئي، اهو هڪ غير رسمي اجلاس هو جنهن جي ڪوريج نه ڪئي وئي.
اجلاس ۾ نئين مالي سال جي بجيٽ، خاص طور تي پي ايس ڊي پي، ٽيڪسن ۽ پگهارن توڙي پينشن ۾ واڌ جي مسئلن تي غور ويچار ڪيو ويو.
وفاقي ناڻي واري وزير وزيراعظم شهباز شريف کي بجيٽ جي اهم رخن تي بريفنگ ڏني.
ذريعن موجب، مهانگائي جي شرح جي تناسب سان سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو کان 15 سيڪڙو جي وچ ۾ واڌ جي تجويز آهي، ان باوجود به وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته متوقع وسيلن جي روشنيءَ ۾ ورڪنگ ڪئي وڃي ته ملازمن کي ڪيترو رليف ڏئي سگهجي ٿو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ جو فيصلو وزيراعظم شهباز شريف اتحادي سان مشاورت کانپوءِ ڪندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.