ڪراچي)ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ اڄ سون جي اگهه ۾ 12 هزار 489 رپين جي وڏي لاٿ رڪارڊ ڪئي وئيآهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ ملڪ ۾ في تولو سون 12 هزار 489 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 55 هزار 813 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون جي قيمت به 11 هزار 240 رپين جي لاٿ کانپوءِ 3 لک 89 هزار 772 رپيا ٿي وئي آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 1248 ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ 4 هزار 328 ڊالر جو ٿي ويو آهي.