پاڪستان ٽيم جي هيڊ ڪوچ سرفراز احمد ۽ ڪپتان شان مسعود کي هٽائڻ جو امڪان، متبادل نالا سامهون اچي ويا

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي ) طرفان قومي ٽيم جي اڳوڻن ڪپتانن کي اهم ذميواريون ڏيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.
ذريعن موجب، اڳوڻي ڪپتان ۽ ڪرڪيٽر يونس خان کي پاڪستان ٽيسٽ ٽيم جو هيڊ ڪوچ بڻائڻ جو امڪان آهي، يونس خان کي هيڊ ڪوچ سان گڏ قومي سليڪشن ڪميٽي جو حصو بڻائڻ جو به امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته محمد حفيظ کي پي سي بي جو ڊائريڪٽر ڪرڪيٽ انٽرنيشنل جي ذميواري ڏيڻ جو امڪان آهي، محمد حفيظ کي قومي سليڪشن ڪميٽي ۾ پڻ ذميواري ڏئي سگهي ٿي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي ٽيسٽ ٽيم جي ڪوچ سرفراز احمد ۽ ڪپتان شان مسعود کي هٽائڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب، شان مسعودي جي جاءِ تي سلمان علي آغا کي ڊگهي فارميٽ جو ڪپتان بڻايو ويندو جڏهن ته سرفراز احمد پاڪستان شاهين ٽيم سان پنهنجون ذميواريون بدستور جاري رکندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.