اسلام آباد(بيورو رپورٽ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چونڊن کان اڳ آزاد ڪشمير ۾ مهاجرن جي سيٽن کي ختم ڪرڻ جي مطالبي کي چونڊ عمل ڦٽائڻ جي برابر قرار ڏنو. خواجا آصف چيو ته آزاد ڪشمير ۾ چونڊون 27 جولاءِ تي آهن، عوامي ايڪشن ڪميٽي مطالبو ڪري رهي آهي ته پاڪستان مان چونڊيل ڪشمير اسيمبلي جون 12 سيٽون ختم ڪيون وڃن، چونڊن کان اڳ هي مطالبو چونڊ عمل کي ڦٽائڻ جي برابر آهي. خواجا آصف چيو ته جيڪي ماڻهو هي مطالبو ڪري رهيا آهن اهي 27 جولاءِ تي عوام جي سامهون رکن، هي جمهوري سوچ هوندي، ٻي صورت ۾ اهو هڪ بليڪ ميلنگ تصور هوندو.هن چيو ته سيالڪوٽ شهر ۽ تحصيل مان ڪشمير اسيمبلي جي هڪ سيٽ آهي، پاڪستان جي قومي اسيمبلي جون 2 سيٽون آهن، ڪشمير اسيمبلي جا حلقا باقي پاڪستان ۾ پکڙيل آهن، هتي اڪثريت ڪشميري پناهگيرن جي آهي. خواجه آصف چيو ته آڪٽوبر 1947 ۾ 200,000 کان وڌيڪ پناهگيرن پنهنجيون جانيون قربان ڪيون ۽ سيالڪوٽ ۾ آباد ٿيا، توهان انهن پناهگيرن کي انهن جي حقن کان ڪيئن محروم ڪري سگهو ٿا؟ انهن جي راءِ کي تسليم ڪرڻ لاءِ جمهوري رستو اختيار ڪريو.