ضياءُ لنجار پاران فيض گنج ۾ عورت جا قاتل گرفتار ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار خيرپور جي علائقي فيض گنج ۾ عورت جي قتل واري واقعي جو نوٽيس  وٺندي واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. گهرو وزير خيرپور جي ايس ايس پي کان واقعي بابت تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ضياءُ الحسن لنجار هدايت ڪئي آهي ته واقعي ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. ايس ايس پي خيرپور بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻئي جوابدار جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن. گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار جوابدارن جي جلد گرفتاري ۽ واقعي جي شفاف جاچ کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته عورتن خلاف ڏوهن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو ۽ قانون هٿ ۾ کڻندڙن سان ڪا به رعايت نه ڪئي ويندي. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته متاثر خاندان کي هر ممڪن قانوني سهائتا فراهم ڪئي وڃي ته جيئن کين انصاف جي فراهمي يقيني بڻائي سگهجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.