حيدرآباد (رپورٽر ) نامياري زرعي ماھرمحمد اسماعيل ڪنڀر چيو آھي ته ٻيلن جي واڍي ۽ ماحولياتي گدلاڻ ڪري انسان سميت سموري جيوت جي حياتيءَ لاءِ خطرا وڌي رھيا آھن ، سنڌ ۾ 85 سيڪڙو جر جو پاڻي کارو ۽ پيئڻ لائق ناھي ماحوليات جو مسئلو عالمي آھي ، اسان کي ٻيلا ، مٺو پاڻي ، سمنڊ ۽ درياھ بچائڻ لاءِ غيرمعمولي اپاءُ وٺڻ گھرجن اھڙن خيالن جو اظهار ھن ڪالھه ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ھيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جي آفيس ۾ فڪري ويھڪ ۾ ڳالھائيندي ڪيو ھن چيو ته ماحوليات جو مسئلو ، نه رڳو پاڪستان پر سڄي دنيا جو مسئلو آھي اھا ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي ته دنيا ۾ 2 ارب ماڻھن کي پيئڻ جو صاف پاڻي ميسر ناھي ، ٻيلا وڍجي رھيا آھن فطرت جي اصولن جي ابتڙ زندگي گذارڻ ڪري ، گرمي پد وڌي رھيو آھي جنھن جو سڀ کان وڌيڪ اثر زراعت تي پئجي رھيو آھي ۽ ڏينھون ڏينھن غربت ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي ھن چيو ته ٻھراڙي ۾ غربت ۽ وسيلن جي اڻهوند ڪري ڳوٺن مان شھرن ڏانھن لڏپلاڻ ٿي رھي آھي ملڪ اندر زرعي زمين تي والار ڪري رھائشي اسڪيمون ٺھي رھيون آھن سرڪار کي ان تي بندش وجھڻ گھرجي نه ته ٻي صورت ۾ زمين پوکي لاءِ گھٽجي ويندي ۽ کاڌ خوراڪ جو بحران پيدا ٿيندو ھن چيو ته اسان کي ھن خيال جي پوئلڳي ڪرڻ گھرجي ته زمين ڪنھن جي ملڪيت نه پر امانت آهي ھن چيو ته ھڪ اھم مسئلو سولر ويسٽ پاليسي جو نه ھجڻ آھي مستقبل ۾ سولر جو ضايع ٿيندڙ ڪچرو زمين کي خراب ڪندو ھن سامونڊي گدلاڻ ، تمر جي ٻيلن جي گھٽجڻ ، ماحولياتي تباھين جو تفصيل سان ذڪر ڪندي چيو ته انسان ۽ ان جي بقا جي قدرتي وسيلن کي بچائڻ لاءِ تڪڙي ۽ مستقل پاليسي جوڙڻ گھرجي .ايڇ آر سي پي جي ميمبرن جي ماھوار گڏجاڻي ۽ ھن فڪري ويھڪ ۾ شرڪت ڪندڙن کي ھيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان سنڌ جي ڪوآرڊينيٽر غفرانا آرائين ڀليڪار ڪيو جڏھن ته ھن ويھڪ ۾ ليکڪن ، صحافين ۽ زرعي ماھرن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي
2050ع تائين لاهور ۽ فيصل آباد دنيا جي سڀ کان گرم شهرن ۾ شامل ٿي سگهن ٿا: تحقيق
لاهور (بيورو) هڪ تازي تحقيق ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي موسمياتي تبديلي جي نظام ايل نينو کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن، جڏهن ته 2050ع تائين لاهور ۽ فيصل آباد دنيا جي گرم ترين شهرن ۾ شمار ٿي سگهن ٿا، تحقيق موجب ايل نينو جي اثرن سبب ملڪ ۾ گرمي پد ۾ مسلسل واڌ ٿي رهي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ مستقبل ۾ گرمي سان لاڳاپيل فوتگين جي شرح ۾ به اضافي جو امڪان آهي، ٻئي طرف موسميات کاتي به هيٽ ويو بابت خبردار ڪيو آهي، چيف ميٽرولوجسٽ لاهور ڊاڪٽر ظهير بابر موجب ايل نينو جي اثر هيٺ گرمي پد وڌي رهيو آهي، جڏهن ته لاهور، فيصل آباد ۽ ملتان سميت پنجاب جي شهري علائقن ۾ اوچيون عمارتون، گاڏين جو دونهون، وڻن جي کوٽ ۽ هائوسنگ سوسائٽين جو وڌندڙ رجحان گرمي جي لهرن کي هٿي ڏئي رهيو آهي، ماهر ماحوليات ڊاڪٽر ذوالفقار احمد موجب هڪ تحقيق مان ظاهر ٿيو آهي ته عالمي سطح تي گرمي پد ۾ سراسري طور 1.5 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته ڪراچي ۾ اها واڌ 4.5 سيڪڙو ۽ لاهور ۾ 4.1 سيڪڙو تائين پهچي چڪي آهي.
ماحول جو تحفظ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي: شرجيل ميمڻ
ڪراچي ( رپورٽر ) ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي، سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ماحول جو تحفظ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي ۽ ايندڙ نسلن جي محفوظ مستقبل لاءِ اسان کي ماحول دوست طرز زندگي کي ھٿي ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ماحولياتي تحفظ لاءِ پاڪستان ۾ هڪ نئين مثال قائم ڪري رهي آهي ۽ ان حوالي سان ڪيترائي عملي قدم کنيا ويا آهن. هڪ بيان ۾ سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت پهرين مرحلي ۾ اي وي بسون متعارف ڪرائي گرين ٽرانسپورٽ جو تصور لاڳو ڪيو، جڏهن ته پاڪستان ۾ پھرئين ڀيري ، ماحول دوست اي وي بسون ۽ اي وي اسڪوٽر پڻ متعارف ڪرايون ويون آهن. هن چيو ته هي جديد ٽرانسپورٽ سسٽم عوام کي آرامده، محفوظ ۽ معياري سفري سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ ماحولياتي گدلاڻ ۾ جوڳي گهٽتائي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته مستقبل ۾ سوين وڌيڪ اليڪٽرڪ بسن کي پبلڪ ٽرانسپورٽ سسٽم جو حصو بڻائڻ جو منصوبو پڻ منظور ڪيو ويو آهي، جيڪو نه رڳو شهرين کي بهتر سفري سهولتون فراهم ڪندو پر ماحول دوست ٽرانسپورٽ کي ھٿي ڏيڻ ۾ پڻ مدد ڪندو.