مشهور ايپ جنهن فيس بڪ، يوٽيوب، انسٽاگرام ۽ ٽڪ ٽاڪ کي پوئتي ڇڏي ڏنو!

لنڊن (ويب ڊيسڪ) آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) تي ٻڌل چيٽ بوٽ چيٽ جي پي ٽي مقبوليت جا نوان رڪارڊ قائم ڪندي رڳو ٽن سالن اندر هڪ ارب واهپيدارن جو اعتماد حاصل ڪري ورتو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب نومبر 2022ع ۾ متعارف ڪرايل چيٽ جي پي ٽي کي سڄي دنيا ۾ڪروڙين ماڻهو استعمال ڪري چڪا آهن. ان جي غيرمعمولي مقبوليت کانپوءِ ڪيترين ئي ٽيڪنالاجي ڪمپنين پنهنجي اي آءِ چيٽ بوٽس تي ڪم تيز ڪري ڇڏيو آهي.

رپورٽ موجب مئي 2026ع ۾ چيٽ جي پي ٽي جي واهپيدارن جو انگ هڪ ارب تائين پهچي ويو، جنهن سان اهو اهڙو سنگ ميل حاصل ڪندڙ تيز ترين ڊجيٽل پليٽ فارم بڻجي ويو آهي.

رپورٽ ۾ ڄاڻ ملي آهي ته ان کان اڳ هي اعزاز ٽڪ ٽاڪ وٽ هو، جنهن کي هڪ ارب واهپيدارن تائين پهچڻ ۾ 5.1 سال لڳا هئا. جڏهن ته انسٽاگرام کي 7.7 سال، يوٽيوب کي 8.1 سال ۽ فيس بڪ کي 8.7 سال لڳا هئا.

ٻئي پاسي پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڊيٽا اينالٽڪس اداري سينسر ٽاور جي انگن اکرن مان ظاهر ٿيو آهي ته چيٽ جي پي ٽي کانپوءِ اي آءِ چيٽ بوٽ ڪلاڊي به تيزي سان مقبول ٿي رهيو آهي. هن وقت ان جا ماهوار واهپيدار 5 ڪروڙ 60 لک آهن، جڏهن ته هڪ سال دوران ان جي واهپيدارن جي انگ ۾ 640 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

رپورٽ موجب ساڳئي عرصي دوران چيٽ جي پي ٽي جي واهپيدارن جي انگ ۾ به 62 سيڪڙو اضافو ٿيو، جيڪو اي آءِ ٽيڪنالاجي جي وڌندڙ استعمال جو واضح ثبوت آهي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته چيٽ جي پي ٽي جو نئون سنگ ميل ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته اي آءِ اسسٽنٽ هاڻي روزاني زندگي جو اهم حصو بڻجي رهيا آهن. واهپيدار انهن کي لکڻ، منصوبابندي، ڪوڊنگ ۽ ٻين ڪيترن ئي ڪمن لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.