لنڊن (ويب ڊيسڪ) ميٽا انسٽاگرام جي نئين سبسڪرپشن سروس ”انسٽاگرام پلس“ کي عالمي سطح تي متعارف ڪرايو ويو آهي، جنهن ذريعي واهپيدارن کي اهڙا خاص فيچرز فراهم ڪيا ويندا جيڪي مفت ورزن ۾ موجود نه هوندا.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب هي اختياري سبسڪرپشن سروس خاص طور مواد تيار ڪرڻ ۽ واهپيدارن جي تجربي کي وڌيڪ ذاتي بڻائڻ وارن اوزارن تي مرڪوز آهي.
رپورٽ موجب انسٽاگرام پلس استعمال ڪندڙن لاءِ اسٽوريز جو دورانيو معمولي 24 ڪلاڪن بدران 48 ڪلاڪن تائين وڌايو ويو آهي، جنهن سان واهپيدار پنهنجو مواد وڌيڪ وقت تائين شيئر ڪري سگهندا.
ميٽا جو چوڻ آهي ته هن سروس کي واهپيدارن کي پنهنجي اظهار جا وڌيڪ موقعا فراهم ڪرڻ، ٻين ماڻهن سان رابطن کي بهتر بڻائڻ ۽ ايپ جي تجربي کي پنهنجي مرضي موجب ترتيب ڏيڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻ ملي آهي ته انسٽاگرام جو معياري مفت ورزن اڳ وانگر سڀني واهپيدارن لاءِ دستياب رهندو، جڏهن ته انسٽاگرام پلس انهن ماڻهن لاءِ آهي جيڪي وڌيڪ ڪنٽرول، ذاتي ترتيب جا آپشن، خاص اوزار ۽ پنهنجي مواد بابت وڌيڪ تفصيلي ڄاڻ حاصل ڪرڻ چاهين ٿا.
رپورٽ موجب هن سروس ۾ ”اسٽوري اسپاٽ لائٽ“ جهڙو فيچر به شامل آهي، جنهن سان اسٽوريز دوستن کي وڌيڪ بهتر انداز ۾ نظر اينديون. ان کانسواءِ واهپيدار اينيميٽيڊ ري ايڪشنز به موڪلي سگهندا.
ٻئي پاسي انسٽاگرام پلس ۾ نوان اينالٽڪس ۽ ويونگ فيچرز پڻ شامل ڪيا ويا آهن. واهپيدار اسٽوريز اهڙي نموني به ڏسي سگهندا جو ٻين ماڻهن کي ان بابت ڄاڻ نه پوندي.
رپورٽ موجب ميٽا مئي 2026ع ۾ انسٽاگرام پلس جي آزمائش شروع ڪئي هئي، جڏهن ته هاڻي ان کي سڄي دنيا جي واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي.