لنڊن (ويب ڊيسڪ) واٽس ايپ پنهنجي مشهور ”ويو ونس“ فيچر کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ نئين اپڊيٽ تي ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن تحت هاڻي رڳو تصويرون ۽ وڊيوز نه، پر ٽيڪسٽ پيغام به هڪ ڀيرو پڙهڻ کانپوءِ پاڻمرادو غائب ٿي ويندا.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب واٽس ايپ آگسٽ 2021ع ۾ ”ويو ونس“ فيچر متعارف ڪرايو هو، جنهن تحت موڪليل تصوير يا وڊيو هڪ ڀيرو کولڻ کانپوءِ چيٽ مان مڪمل طور ختم ٿي ويندي آهي. هاڻي ڪمپني ان فيچر وڌيڪ بهتر بڻائيندي ٽيڪسٽ پيغامن کي به ان جو حصو بڻائڻ جي تياري ڪري ڇڏي آهي.
رپورٽ موجب ٽيڪنالاجي ويب سائيٽ ”ويب بيٽا انفو“ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اينڊرائيڊ ايپ جي نئين بيٽا ورزن ۾ هن فيچر بابت اشارا مليا آهن. نئين سهولت سان واهپيدار اهڙا تحريري پيغام موڪلي سگهندا، جيڪي هڪ ڀيرو پڙهڻ کانپوءِ پاڻمرادو غائب ٿي ويندا.
رپورٽ ۾ ڄاڻ ملي آهي ته هي فيچر حساس ڄاڻ، جهڙوڪ پاسورڊ، وائي فائي لاگ اِن تفصيل يا ڪريڊٽ ڪارڊ سان لاڳاپيل ڄاڻ محفوظ نموني شيئر ڪرڻ لاءِ ڪارائتو ثابت ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته اهڙن پيغامن کي محفوظ ڪرڻ، ڪاپي ڪرڻ يا فارورڊ ڪرڻ ممڪن نه هوندو.
واٽس ايپ ۾ اڳ ئي ”ڊس اپيئرنگ ميسيجز“ فيچر موجود آهي، جنهن تحت پيغام مخصوص وقت کانپوءِ غائب ٿي ويندا آهن. جڏهن ته نئون ”ويو ونس“ آپشن مڪمل چيٽ بدران ڪنهن هڪ مخصوص پيغام لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو، جيڪو رڳو هڪ ڀيرو پڙهڻ کانپوءِ ختم ٿي ويندو.
رپورٽ موجب واهپيدار پيغام لکي سينڊ بٽڻ کي ڪجهه دير دٻائي رکندا ته مختلف آپشنز وارو مينيو ظاهر ٿيندو، جنهن ۾ ”سينڊ ايز ويو ونس“ جو آپشن به شامل هوندو. جڏهن وصول ڪندڙ پيغام هڪ ڀيرو پڙهي وٺندو ته اهو پاڻمرادو غائب ٿي ويندو.
ٻئي پاسي هن قسم جي پيغامن جا اسڪرين شاٽ وٺڻ، انهن کي ڪاپي ڪرڻ، فارورڊ ڪرڻ يا محفوظ ڪرڻ جي اجازت به نه هوندي، جنهن سان رازداري وڌيڪ مضبوط ٿيندي.
رپورٽ موجب ٽيڪسٽ پيغامن لاءِ ”ويو ونس“ آپشن جو مطالبو واهپيدارن طرفان ڪافي عرصي کان ڪيو پئي ويو. في الحال هي فيچر ترقي جي مرحلي ۾ آهي ۽ اڃا بيٽا واهپيدارن لاءِ به دستياب ناهي، تنهن ڪري ان ۾ وڌيڪ تبديليون به ٿي سگهن ٿيون.