مظفرآباد (ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير ۾ جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽي ۽ حڪومت وچ ۾ ڳالهين ۾ ڊيڊ لاڪ برقرار رهڻ کانپوءِ رياست ۾ سيڪيورٽي ۽ انتظامي قدمن تحت اڄ رات ساڍي 11 وڳي کان انٽرنيٽ ۽ موبائل فون سروسز بند ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن.
ذريعن موجب، آزاد ڪشمير ۾ موبائيل ۽ انٽرنيٽ سروسز 12 جون تائين بند رهندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته هي قدم جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽيءَ طرفان 9 جون تي آزادي ڪشمير ۾ ڏنل شٽر بند ۽ مڪمل ڦيٿا جام هڙتال جي سڏ کي نظر رکندي کنيا پيا وڃن.
عوامي ايڪشن ڪميٽيءَ جي مرڪزي اڳواڻ شوڪت نواز مير ميڊيا کي ٻڌايو ته پاڪستاني حڪومت ۽ ايڪشن ڪميٽي وچ ۾ ٿيل ڳالهين ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي.
سندس چوڻ هو ته حڪومتي نمائندن احتجاج جو سڏ واپس وٺڻ تي اصرار ڪيو هو، جنهن کي عوامي ايڪشن ڪميٽيءَ رد ڪري ڇڏيو.
ڳالهين جي ناڪامي ۽ ڊيڊ لاڪ برقرار رهڻ سبب جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽيءَ 9 جون تي سڄي آزاد ڪشمير ۾ مڪمل هڙتال ۽ احتجاج جي سڏ تي قائم رهڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن کانپوءِ انتظاميا امن امان جي صورتحال کي ڪنٽرول ۾ رکڻ لاءِ مواصلاتي نظام معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.