ماهرن موجب مناسب مقدار ۾ ڪافي جو استعمال گردن جي ڪارڪردگي بهتر رکڻ ۽ گردن ۾ پٿري ٺهڻ جي خطري کي گهٽ ڪرڻ ۾ ڪارائتو ثابت ٿي سگهي ٿو، پر ان جا فائدا هر ماڻهو لاءِ هڪجهڙا ناهن هوندا.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب روزانو ڪافي پيئڻ نه رڳو جاڳڻ، ڌيان وڌائڻ ۽ ٿڪاوٽ گهٽائڻ ۾ مدد ڏئي ٿو، پر گردن جي صحت لاءِ به ڪارائتو ثابت ٿي سگهي ٿو. ان جا اثر استعمال جي مقدار، ڪافي تيار ڪرڻ جي طريقي ۽ پيئندڙ شخص جي مجموعي صحت تي دارومدار رکن ٿا.
رپورٽ موجب ماهر جو چوڻ آهي ته ڪافي پيئندڙ ماڻهن ۾ ٽائپ ٽو شگر، پارڪنسنز، جگر جي بيمارين، ڪجهه قسمن جي ڪينسر، ڊپريشن، آپگهات جي لاڙن، گردن ۽ پتي جي پٿري سميت مجموعي طور موت جو خطرو گهٽ ڏٺو ويو آهي.
تحقيق موجب گردن جي بيماري ۾ مبتلا 4 هزار 860 کان وڌيڪ آمريڪي ماڻهن جي انگن اکرن جو جائزو ورتو ويو. شرڪت ڪندڙن کي روزاني ڪيفين جي استعمال جي بنياد تي مختلف گروپن ۾ ورهايو ويو.تحقيق موجب پنجن سالن جي فالو اپ دوران لڳ ڀڳ هڪ هزار 280 شرڪت ڪندڙ فوت ٿي ويا، پر نتيجن مان ڄاڻ ملي ته گهٽ ڪيفين استعمال ڪندڙن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڪيفين استعمال ڪندڙن ۾ موت جو خطرو 22 کان 26 سيڪڙو تائين گهٽ هو.
رپورٽ موجب ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪيفين پيشاب جي مقدار وڌائي ٿي، جنهن سان پيشاب جي رستي ۾ پٿري ٺاهيندڙ معدنيات جي گڏ ٿيڻ ۽ ڪرسٽل ٺهڻ جو عمل گهٽجي سگهي ٿو. ٻئي پاسي ڪجهه تحقيقن مان ظاهر ٿيو آهي ته جيڪي ماڻهو باقاعدگي سان ڪافي پيئن ٿا، انهن ۾ گردن جي پٿري جو خطرو گهٽ ٿي سگهي ٿو. ان جو مطلب اهو ناهي ته وڌيڪ ڪافي پيئڻ وڌيڪ فائديمند آهي.
ماهرن موجب صحتمند ماڻهن کي روزاني ڪيفين جو استعمال لڳ ڀڳ 400 ملي گرام تائين محدود رکڻ گهرجي، جيڪو عام طور تي ڪافي جي ٽن يا چئن معياري ڪوپ جي برابر هوندو آهي. ڪيفين جو گهڻو استعمال بي خوابي، بي چيني، پريشاني، خوف ۽ دل جي ڌڙڪن جي تيز يا غير منظم ٿيڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو.
رپورٽ موجب تمام گهڻي کنڊ، ڳاڙهي کير، ملائي يا مٺن شربتن سان تيار ڪيل ڪافي صحت لاءِ نقصانڪار ٿي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته ان سان کنڊ ۽ ڪيلورين جو استعمال وڌي ويندو آهي. ماهرن صلاح ڏني آهي ته گردن جي بيماري، هاءِ بلڊ پريشر يا ٻين صحت جي مسئلن ۾ مبتلا ماڻهو ڪيفين جي مناسب استعمال بابت پنهنجي ڊاڪٽر سان ضرور صلاح ڪن.
نوٽ: هي معلوماتي خبر آهي. صحت بابت ڪنهن به معاملي ۾ پنهنجي ڊاڪٽرجي صلاح تي عمل ڪريو.