لاهور (ويب ڊيسڪ) مشهور ڳائڻي ۽ سياسي اڳواڻ جواد احمد سائنسي سوشلزم جي باني ڪارل مارڪس بابت تبصرو ڪندي چيو آهي ته هو دنيا ۾ انساني برابري جي نظريي جو سڀ کان وڏو علمبردار هو ۽ هن پنهنجي زندگي دوران ان مقصد لاءِ بي مثال ذاتي، مالي، سماجي ۽ سياسي قربانيون ڏنيون.
ميڊيا رپورٽ موجب برابري پارٽي پاڪستان جي چيئرپرسن جواد احمد سوشل ميڊيا تي پنهنجي بيان ۾ لکيو ته ڪارل مارڪس انساني برابري جي عظيم نظريي لاءِ ايتريون قربانيون ڏنيون، جن جو تصور به ڪنهن ٻئي انسان لاءِ ڪرڻ ڏکيو آهي. هن واضح ڪيو ته سندس تبصري ۾ پيغمبرن، سندن ساٿين، اوتارن ۽ انهن جي ساٿين جي ڀيٽ شامل ناهي.
واضح رهي ته ڪارل مارڪس کي جديد دور جي اهم مفڪرن مان هڪ سمجهيو ويندو آهي، جنهن سرمائيداري نظام، طبقاتي فرق ۽ معاشي اڻبرابري بابت پنهنجا خيال پيش ڪيا هئا. سندس نظرين دنيا جي ڪيترين ئي سياسي ۽ سماجي تحريڪن تي گهرو اثر ڇڏيو آهي.
جواد احمد جي تبصري تي سوشل ميڊيا تي مختلف ردعمل سامهون اچي رهيا آهن، جتي ڪجهه واهپيدارن سندس راءِ جي حمايت ڪئي آهي، جڏهن ته ڪجهه ماڻهن شديد تنقيد ڪئي آهي.