حڪومت جو ننڍن دڪاندارن لاءِ فڪسڊ ٽيڪس اسڪيم جو اعلان، تفصيل پڌرا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت ننڍن دڪاندارن لاءِ فڪسڊ ٽيڪس اسڪيم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ننڍن دڪاندارن جي مشاورت ۽ مطالبن سان اها اسڪيم آندي پئي وڃي، ٽيڪس ڏيندڙ ٽيڪس عمل ۾ آساني چاهين ٿا.
ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو ته اسڪيم اهڙن دڪاندارن تي لاڳو ٿيندي جن جي سالياني سيلز 20 ڪروڙ يا ان کان گهٽ آهي.
هن چيو ته هڪ صفحي جو فارم آهي جنهن تي دڪاندار پنهنجي مال جي سيلز جا تفصيل ڄاڻائيندا، دڪاندار کي گهٽ ۾ گهٽ 25 هزار رپيا روڪ جمع ڪرائڻا پوندا.
بلال اظهر ڪياني چيو ته جيڪڏهن دڪاندار جي ٽرن اوور جي مقدار وڌيڪ هوندي ته ان حساب سان هڪ سيڪڙو ٽيڪس هوندو، ان ۾ هڪ سيڪڙو فڪسڊ ٽيڪس هوندو، جيڪڏهن ود هولڊنگ ٽيڪس اڳ ۾ ڪٽيل آهي ته اهو ان ۾ ايڊجسٽ ٿي ويندو.
هن چيو ته مشاورت ۽ انجمنِ تنظيمِ تاجران جي مطالبن تي حڪومت اها اسڪيم آڻي رهي آهي، جيڪو به دڪاندار هن اسڪيم ۾ شامل ٿيڻ چاهي ٿو اهو فارم ڀري.
بلال اظهر ڪياني چيو ته جيڪو دڪاندار هن اسڪيم ۾ ايندو ان کي ايف بي آر طرفان هڪ پليٽ ملندي، ان پليٽ تي دڪاندار جو نالو، دڪان جو نالو ۽ ٻيا تفصيل هوندا، هن اسڪيم ۾ نان فائلر ۽ فائلر دڪاندار به شامل ٿي سگهن ٿا.
هن وڌيڪ چيو ته هن اسڪيم مان لاڀ حاصل ڪرڻ لاءِ ٽيڪس جي ادائيگي گهٽ ۾ گهٽ گذريل سال جيتري هجڻ گهرجي، جيڪي به دڪاندار هن اسڪيم ۾ ايندا کين پوائنٽ آف سيل (پي او ايس) کان ڇوٽ ملي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.