ڪراچي (ويب ڊيسڪ) شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪار فيصل قريشي جي هڪ نئين وڊيو سوشل ميڊيا تي سامهون اچڻ کانپوءِ سندس مداح پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.
ميڊيا رپورٽن موجب فيصل قريشي انسٽاگرام تي جاري ڪيل وڊيو ۾ ڏکاري لهجي ۾ ٻڌايو ته هو پنهنجي ويجهن دوستن ۽ ساٿي فنڪارن سان گڏ فنڊ ريزنگ تقريب ۾ شرڪت لاءِ ڪينيڊا نٿو وڃي سگهي.
وڊيو ۾ اداڪار چيو ته ڪجهه شيون اهڙيون هونديون آهن جيڪي انسان سوچي رکندو آهي، جڏهن ته ڪجهه فيصلا الله بهتر ڄاڻندو آهي. سندس چوڻ هو ته شايد قسمت ۾ هن ڀيري ڪينيڊا وڃڻ ۽ مداحن سان ملاقات ڪرڻ لکيل نه هو.
فيصل قريشي ٻڌايو ته ڪجهه ذاتي سببن جي ڪري کيس پاڪستان ۾ ئي رهڻو پيو، جيتوڻيڪ هو روانگي لاءِ تيار هو ۽ شام جي اڏام جي بڪنگ به ٿي چڪي هئي.
هن تقريب جي انتظاميا ۽ ساٿي اداڪار عدنان صديقي جو به شڪريو ادا ڪيو، جن سندس صورتحال کي سمجهيو ۽ ڏکئي وقت ۾ ساڻس سهڪار ڪيو. اداڪار چيو ته جيڪڏهن الله چاهيو ته هو ايندڙ ڀيري ضرور تقريب ۾ شرڪت ڪندو. هن مداحن کان معذرت پڻ ڪئي ۽ دعائن ۾ ياد رکڻ جي اپيل ڪئي.
ٻئي پاسي وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي. مداحن فيصل قريشي کي پريشان ڏسي سندس خيريت بابت فڪرمندي ظاهر ڪئي آهي.