سون اگهه ۾ لاٿ، سوين رپيا سستو ٿي ويو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ اڄ سون جي اگهه ۾ 1400 رپين کان وڌيڪ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ ملڪ ۾ في تولو سون هڪ هزار 496 رپيا سستو ٿيو آهي، جنهن کانپوءِ سون جو نئون اگهه 4 لک 67 هزار 816 رپيا ٿي ويو آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون به هڪ هزار 323 رپيا لاٿ کانپوءِ 4 لک 1 هزار 12 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 14.68 ڊالر سستو ٿي 4 هزار 453 ڊالر جو ٿي ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.