ڪراچي سڄي ملڪ جي ماڻهن کي پناهه ۽ روزگار ڏئي ٿو، چاهيان ٿو هنزا به اهڙو ٿئي: مرتضيٰ وهاب جو خرم دستگير کي جواب

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، نون ليگ اڳواڻ خرم دستگير جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته ڪراچي غريب پرور شهر آهي ۽ مان چاهيندس ته هنزا به ڪراچي جهڙو بڻجي.
گلگت بلتستان جي چونڊ مهم دوران ڪراچي ۽ لاهور جي ترقيءَ بابت خرم دستگير جي بيان جو جواب ڏيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته ليگي اڳواڻ هنزا ۾ عوام کان پڇي رهيو هو ته هنن کي هنزا لاهور جهڙو کپي يا ڪراچي جهڙو ۽ ڇا ايندڙ 5 سالن ۾ گلگت بلتستان کي پنجاب جهڙو بڻايو وڃي يا سنڌ جهڙو.
هن چيو ته سنڌ ۾ جڏهن ٻوڏ جي تباهي ايندي آهي ته حڪومت عوام سان گڏ بيٺل هوندي آهي، جڏهن ته ڏکين حالتن ۾ پنجاب حڪومت نظر نه ايندي آهي، پر پيپلز پارٽيءَ جو چيئرمين هميشه عوام سان گڏ هوندو آهي.
ميئر ڪراچي وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن لاءِ 21 لک گهر ٺاهي رهي آهي، جن مان 12 لک گهر متاثرن حوالي ڪري چڪا آهيون.
مرتضيٰ وهاب چيو ته لاهور جي ڀيٽ ڪراچي سان ڪئي وڃي ٿي، پر ڪراچي ته اُهو شهر آهي جتي پاڪستان جي مختلف شهرن مان ماڻهو ايندا آهن ۽ هي شهر غريبن جي مدد ڪندو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ماڻهن کي کوکلي دعوائن بدران درست حڪمت عملي ڏانهن وڃڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.