اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت بجيٽ ۾ ڪراچي ۾ جاري مختلف منصوبن لاءِ فنڊز رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
دستاويز موجب، وفاقي حڪومت ڪراچي جي گرين لائين بس لاءِ هڪ ارب 98 ڪروڙ رپيا رکڻ جي تجويز ڏني آهي، جڏهن ته شهر ۾ روڊن، گهٽين، پاڻي جي نيڪال ۽ پاڻي جي مختلف منصوبن لاءِ به فنڊز تجويز ڪيا ويا آهن.
ضلعي ويسٽ ۾ انفرا اسٽرڪچر جي بحالي لاءِ 26 ڪروڙ رپيا، ناظم آباد ۽ لياقت آباد ۾ انفرا اسٽرڪچر جي بحالي لاءِ 37 ڪروڙ رپيا، لانڍي، زمان، ڪورنگي ۾ روڊن، پاڻي، نيڪال، پلي گرائونڊز لاءِ 35 ڪروڙ رپيا تجويز ڪيا ويا آهن.
دستاويز موجب، سينٽرل ضلعي ۾ روڊن، گهٽين، پاڻي، نيڪال لاءِ 4 ڪروڙ 50 لک، ڪورنگي، ملير ضلعن ۾ روڊن، رستن، نيڪال لاءِ 5 ڪروڙ رپيا تجويز ڪيا ويا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي بجيٽ ۾ ڪراچي لاءِ ڪجهه نيون رٿائون به شروع ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس اينڊ ريسرچ سينٽر لاءِ 40 ڪروڙ رپيا، نيشنل ريسرچ اينڊ فرٽيلٽي ڪيئر جي اپ گريڊيشن منصوبي لاءِ 39 ڪروڙ ۽ ڪراچي ۾ نيشنل يونيورسٽي آف نرسنگ جي قيام لاءِ 5 ڪروڙ رپيا جي تجويز ڏني وئي آهي.