5 جون هر سال سَڄي دُنيا ۾ ماحوليات جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي. هي ڏينهن ڪنهن عام رسمي تقريب يا روايتي يادگيري جو نالو نه آهي، پر هڪ عالمي سڏ آهي، هڪ اهڙي جاڳرتا آهي جيڪا انسان کي سندس عملن جو آئينو ڏيکاري ٿي. هِن ڏينهن جو مقصد صَرف تقريرون ڪرڻ يا پوسٽر لڳائڻ نه آهي، پر ماڻهن جي دلين ۾ اُهو احساس پيدا ڪرڻ آهي ته جيڪڏهن اسان پَنهنجي ماحول، پَنهنجي هوا، پَنهنجي پاڻي ۽ پَنهنجي زمين جي حفاظت نه ڪئي ته ايندڙ نسلن لاءِ هي ڌرتي رهڻ جي قابل نه رهندي. ماحول صَرف قدرتي وسيلن جو نالو ناهي، پر اُهو اسان جي زندگيءَ جو بُنياد آهي. ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي تاريخ ويهين صديءَ جي اُن دور سان جُڙيل آهي جڏهن دُنيا تيزيءَ سان صنعتي ترقيءَ جي طرف وڌي رهي هئي. وَڏا وَڏا ڪارخانا لڳي رهيا هئا، شهر وڌي رهيا هئا، آبادي ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو هو ۽ انسان پَنهنجي سهولتن ۽ آرام جي ڊوڙ ۾ فطرت کي پوئتي ڇڏي رهيو هو. شروعات ۾ اُن کي ترقي سمجهيو ويو، پر آهستي آهستي اُن جا خطرناڪ نتيجا ظاهر ٿيڻ لڳا. هوا ۾ دونهون وڌڻ لڳو، درياهه گدلا ٿيڻ لڳا، سمنڊن ۾ زهر شامل ٿيڻ لڳو، جنگلات تيزي سان ختم ٿيڻ لڳا ۽ جهنگلي جيوت پَنهنجي وجود لاءِ خطري ۾ اچي وئي. اُن صُورتحال دُنيا کي اُهو سوچڻ تي مجبور ڪيو ته هي ترقي جيڪڏهن فطرت کي ختم ڪري رهي آهي ته پوءِ اُها ترقي نه پر تباهي آهي.
اُنهن وڌندڙ خطرن کي ڏسي 1972ع ۾ گڏيل قومن سوئيڊن جي گادي واري شهر اسٽاڪهوم ۾ انساني ماحول بابت هڪ عالمي ڪانفرنس منعقد ڪئي. هي ڪانفرنس تاريخي اهميت رکي ٿي، ڇو ته پهريون ڀيرو دُنيا جي مُلڪن گڏجي ماحولياتي مسئلن کي عالمي مسئلو تسليم ڪيو. اُن ڪانفرنس ۾ اُهو فيصلو ڪيو ويو ته ماحول جي تحفظ لاءِ هڪ خاص عالمي ڏينهن مقرر ڪيو وڃي ته جيئن ماڻهن ۾ شعور پيدا ٿئي ۽ حڪومتون به عملي قدم کڻن. اُن فيصلي جي نتيجي ۾ گڏيل قومن 5 جون کي ماحوليات جو عالمي ڏهاڙو قرار ڏنو ۽ 1974ع کان وٺي هي ڏينهن هر سال سَڄي دُنيا ۾ ملهايو پيو وڃي. فطرت انسان لاءِ ڪنهن نعمت کان گهٽ ناهي. هوا جيڪا ساهه کڻڻ جو وسيلو آهي، پاڻي جيڪو زندگيءَ جو بُنياد آهي، زمين جيڪا رزق ڏئي ٿي، وڻ جيڪي ڇانوَ ۽ آڪسيجن فراهم ڪن ٿا، جبل جيڪي موسم کي توازن ۾ رکن ٿا ۽ درياهه جيڪي زندگيءَ کي رواني ڏين ٿا، اُهي سَڀ شيون انسان جي وجود سان سڌو سنئون جُڙيل آهن. پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اڄ جو انسان اُنهن فطرتي نعمتن جو قدر ڪرڻ بدران اُنهن کي ئي تباهه ڪرڻ لڳو آهي. وڻ ڪٽيا پيا وڃن، زمين تي عمارتون وڌن ٿيون، درياهه ۾ گند وڌي رهيو آهي ۽ هوا مسلسل آلودہ ٿي رهي آهي.
فطرت جيڪا انسان کي بنا ڪنهن معاوضي جي سَڀ ڪُجهه ڏئي ٿي، انسان اُن جو بدلو بي احتياطي ۽ تباهي سان ڏئي رهيو آهي. اڄ دُنيا هڪ اهڙي خطرناڪ دور مان گُذري رهي آهي جنهن کي موسمياتي تبديلي چيو وڃي ٿو. ڌرتيءَ جو گرمي پد مسلسل وڌي رهيو آهي، جنهن جا اثر هر جڳهه تي نظر اچي رهيا آهن. برفاني جبل ڳري رهيا آهن، سمنڊن جي سطح وڌي رهي آهي، موسمون پَنهنجو توازن وڃائي رهيون آهن ۽ غيرمعمولي حالتون عام ٿينديون پيون وڃن. ڪڏهن سخت گرمي جون لهرون انسانن جي زندگين کي متاثر ڪن ٿيون، ڪڏهن اوچتيون ٻوڏون شهرن ۽ ڳوٺن کي تباهه ڪري ڇڏين ٿيون، ڪڏهن ڊگها ڏڪار ماڻهن کي بُک ۽ پاڻيءَ جي کوٽ ۾ مبتلا ڪن ٿا. هي سَڀ ڪُجهه فطرت جو ردعمل آهي، جيڪو انسان جي غلط عملن جو نتيجو آهي.
پاڪستان به اُنهن مُلڪن مان هڪ آهي جيڪو موسمياتي تبديليءَ کان تمام گهڻو متاثر ٿي رهيو آهي. هتي گرمي جي شدت وڌي رهي آهي، پاڻي جا وسيلا گهٽجي رهيا آهن ۽ قدرتي آفتن جو خطرو وڌي رهيو آهي. خاص طور تي سنڌ ۾ صُورتحال وڌيڪَ ڳڻتي جوڳي آهي. درياهه ۾ پاڻي جي گهٽتائي، سمنڊ جي اڳڀرائي، زرعي زمينن جي تباهي، شهرن ۾ هوا جي آلودگي ۽ وڻن جي گهٽتائي ماحولياتي توازن کي سخت نقصان پُهچائي رهي آهي. جيڪڏهن وقت سر سنجيده قدم نه کنيا ويا ته ايندڙ وقت ۾ هي مسئلا وڌيڪَ خطرناڪ صُورت اختيار ڪري سگهن ٿا. وڻ فطرت جو سَڀ کان اهم حصو آهن. اُهي هوا کي صاف ڪن ٿا، ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جذب ڪن ٿا ۽ آڪسيجن فراهم ڪن ٿا. اُهي گرمي گهٽائين ٿا، برساتن کي وڌائين ٿا ۽ زمين کي مضبوط رکن ٿا. جتي وڻ هوندا آهن اُتي زندگي هوندي آهي، پر جتي وڻ ختم ٿين ٿا اُتي خشڪي، گرمي، بيچيني تباهي وڌي وڃي ٿي. هر ڪٽيل وڻ حقيقت ۾ هڪ وَڏو خاموش نقصان آهي جيڪو فطرت جي توازن کي خراب ڪري ٿو. پلاسٽڪ جو وڌندڙ استعمال به اڄ جي دور جو هڪ وَڏو ماحولياتي مسئلو بڻجي چُڪو آهي. پلاسٽڪ اهڙو مادو آهي جيڪو صَدين تائين ختم نٿو ٿئي. اُهو زمين، پاڻي ۽ هوا کي آلودہ ڪري ٿو. درياهن ۽ سمنڊن ۾ پُهچي اُهو سامونڊي جيوت لاءِ موت جو سبب بڻجي ٿو. ڪيترائي جانور ۽ پکي اُن کي خوراڪ سمجهي کائي وڃن ٿا ۽ پَنهنجون زندگيون وڃائي ويهن ٿا. هي هڪ اهڙو خاموش زهر آهي جيڪو آهستي آهستي پُوري ڌرتي کي نقصان پُهچائي رهيو آهي. اُنهن سَڀني مسئلن باوجود اَڃا به اُميد باقي آهي. جيڪڏهن انسان چاهي ته فطرت کي ٻيهر زندھه ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن هر ماڻهو پَنهنجي حصي جو هڪ وڻ پوکي، پاڻي بچائي، پلاسٽڪ جو استعمال گهٽائي، صفائيءَ جو خيال رکي ۽ ماحول سان محبت ڪري ته وَڏو فرق اچي سگهي ٿو. تبديلي هميشه وَڏن فيصلن سان نه ايندي آهي، ڪڏهن ڪڏهن هڪ ننڍڙو قدم به سَڄي سماج ۾ وَڏو اثر وجهي سگهي ٿو. نوجوان نسل هِن تبديليءَ ۾ سَڀ کان اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن نوجوان فطرت سان محبت ڪرڻ سکن، وڻ پوکڻ کي پَنهنجو فرض سمجهن، صفائي کي پَنهنجي عادت بڻائين ۽ ٻين کي به شعور ڏين ته مستقبل بهتر ٿي سگهي ٿو. ڇو ته مستقبل اُنهن جو آهي ۽ ڌرتي به اُنهن جي آهي. اڄ جيڪڏهن اسين ھِن ڳالهه تي غور فڪر ڪري پَنهنجي دل تي هٿ رکي سوچينداسين ته اندر مان آواز اِيندو ته هي ڌرتي اسان جي ذاتي ملڪيت نه آهي، نه ئي هي ڪنهن هڪ نسل، ڪنهن هڪ قوم يا ڪنهن هڪ دور جي جاگير آهي، پر هي هڪ پاڪ، قيمتي ۽ حساس امانت آهي جيڪا اسان وٽ عارضي طور تي سپرد ڪئي وئي آهي. هِن امانت ۾ هوا به شامل آهي، پاڻي به شامل آهي، وڻ به شامل آهن، جبل به شامل آهن، درياهه به شامل آهن ۽ هر اُهو ساھه کڻندڙ وجود به شامل آهي جيڪو هِن ڌرتيءَ تي زندگيءَ جو رنگ ڀري ٿو. اسان جو اصل امتحان اُهو آهي ته اسان هِن امانت سان ڪيترو ايماندار رهيا آهيون، ڪيترو وفادار رهيا آهيون ۽ ڪيترو ذميوار رهيا آهيون.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اڄ انسان ترقي، آرام ۽ مفاد جي ڊوڙ ۾ اُهو سَڀ ڪُجھه وساري ويٺو آهي جيڪو فطرت جي طرفان سندس جي حصي ۾ آيو اڄ انسان اُن فطرت سان ھٿ چراند ڪري رھيو آھي جيڪي وڻ ماحولياتي کي صاف سٿرو رکندا آهن اڄ انسان اُنھن جو دشمن بڻجي ڪھاڙي سان اُن وڻ ڳچيءَ کي ڪٽي رهيو آهي، اُهو صَرف هڪ وڻ نه آهي پر ايندڙ نسل جي ڇانوَ آهي، جيڪو پاڻي هو ضايع ڪري رهيو آهي، اُهو صَرف پاڻي نه آهي پر ڪنهن ٻار جي زندگي آهي، جيڪا هوا هو آلودہ ڪري رهيو آهي، اُها صَرف هوا نه آهي پر پُوري انسانيت جي ساهه جي ضمانت آهي. جيڪڏهن اسان اڄ فطرت جي اُنهن خاموش دردن کي نه سمجهيو، جيڪڏهن اڄ اسان پَنهنجي اندر پلجندڙ لالچ لوڀ ۽ بي حسيءَ کي نه روڪيو، ته وقت ايندو جڏهن فطرت به پَنهنجو توازن بحال ڪرڻ لاءِ اهڙا سخت ردعمل ڏيکاريندي جو انسان پَنهنجي ئي ڪيل غفلت تي پشيمان ٿي رهجي ويندو.
5 جون جو ڏينهن اسان کي صَرف هڪ تاريخ ياد ڏيارڻ لاءِ نه پر هڪ وڏو سچ ٻُڌائڻ لاءِ اچي ٿو ته فطرت سان رشتو ٽوڙڻ اصل ۾ پَنهنجي مستقبل سان رشتو ٽوڙڻ آهي. هي ڏينهن اسان جي اندر سواليه نشان کڻي اچي ٿو ته ڇا اسان واقعي پَنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ هڪ سرسبز، محفوظ ۽ صاف ڌرتي ڇڏي وڃڻ جي قابل آهيون يا نه؟ ڇا اسان جا ٻار اسان جي غفلت جو بار کڻندا يا اسان جي ذميواري جو ثبوت ڏسندا؟ اڄ وقت اَڃا به موجود آهي، پر اُهو وقت تيزيءَ سان هٿن مان نڪري رهيو آهي. هاڻي ضَرورت صَرف ڳالهين جي نه آهي، پر عمل جي آهي، صَرف احساسن جي نه آهي، پر قربانيءَ جي آهي، صَرف خواهشن جي نه آهي، پر سنجيده تبديليءَ جي آهي. جيڪڏهن اسان اڄ پنهنجي روزمرھه زندگيءَ ۾ وڻن سان محبت شروع ڪريون، پاڻيءَ کي ضايع ٿيڻ کان بچايون، گندگيءَ کي گهٽايون، پلاسٽڪ کي محدود ڪريون ۽ فطرت کي پَنهنجو دوست سمجهي ورتاءُ ڪريون ته اسان هڪ نئين صبح جو آغاز ڪري سگهون ٿا. ڇو ته حقيقت اُها آهي ته جڏهن فطرت محفوظ هوندي، جڏهن زمين ساوڪ سان ڀريل هوندي، جڏهن هوا صاف هوندي ۽ جڏهن پاڻي شفاف هوندو، تڏهن ئي انسانيت جو مستقبل محفوظ هوندو، تڏهن ئي زندگيءَ جو حُسنُ قائم رهندو ۽ تڏهن ئي ڌرتي واقعي رهڻ لائق گهر بڻجي سگهندي.