مانجهند(رپورٽ: بابو عمراڻي) آمري ۾ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاه سيد منير حيدرشاه امير علي ٿيٻو جي اڳواڻي ۾ شهيد اختر علي شاه جي ورسي جي موقعي تي مزار تي حاضري ڀري ڱلن جي چادر چاڙهي فاتحه پڙهي وئي ان موقعي تي سيد زين شاه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهيد اختر علي شاهه پنهجي رت سان ڏنل عظيم قرباني سان مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ رستو ٺاهي ڏنو آهي،اسان کي شهادتون جيل رڪاوٽون ملنديون اچن ڪيترائي ظلم ڪيا ويا آهن سائين جي ايم سيد جي سالگرهه ۽ ورسي نٿي ملهائڻ ڏني وڃي اسان کي سياست ڪرڻ نٿي ڏني وڃي هر طرح جي بندش پيل آهي سيد زين شاه وڌيڪ چيو ته بي ايمان ۽ سنڌ جو سودو ڪندڙ جماعت پيپلز پارٽي جي گزريل سترنهن سال جي بدترين حڪمراني خلاف وطن دوست جماعتن جو اتحاد ٺاهي کين سوگهو ڪنداسين اسان دعوي بجاء عملي ڪم جاري رکنداسين. هڪ فرد ڪجه نه ڪري سگهندو لکين ماڻهن تائين پهچي مستقل خطرن بابت کين آگاه ڪنداسين .