عوام ٻڌائي ته هنزه کي ڪراچي جهڙو ٺاهجي يا لاهور جهڙو: خرم دستگير

هنزا(م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻ خرم دستگير نالي وٺڻ کانسواءِ پيپلز پارٽي تي تنقيد ڪئي.هنزه ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي خرم دستگير چيو ته ايندڙ 5 سالن ۾ هنزه ڪراچي يا لاهور جهڙو ٿيڻ گهرجي. فيصلو عوام تي ٻڌل آهي. خرم دستگير چيو ته روڊ اهي ٺاهيندا جن ماضي ۾ شاهراهن جو نيٽ ورڪ وڇايو، هن چيو ته گلگت  بلتستان کان بلوچستان تائين هر منصوبي ۾ شينهن جو نشان هجڻ گهرجي. مسلم ليگ (ن) جي عابد شير علي چيو ته گلگت بلتستان جي ترقي لاءِ توهان کي نواز شريف جي ضرورت آهي، عوام کي پنهنجو اڳواڻ چونڊڻ گهرجي ته جيئن هو نوجوانن جي ترقي ۽ خوشحالي جي ضمانت ڏئي سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.