ممبئي (ويب ڊيسڪ) سينيئر ڀارتي اداڪارا، ٽي وي ميزبان ۽ ڪالم نگار پوجا بيديءَ اداڪارا شلپا شندي جي ان اعتراف تي سخت ردعمل ظاهر ڪيو آهي، جنهن ۾ هن چيو هو ته هن جنسي هراساني جو ڪيس ڪوڙو داخل ڪرايو هو.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب ٽي وي اداڪارا شلپا شندي نئين تڪرار جو مرڪز بڻجي وئي آهي، ڇاڪاڻ ته هن انڪشاف ڪيو آهي ته مشهور ڊرامي ”ڀاڀي جي گهر پر هين“ جي پروڊيوسر سنجي ڪوهلي خلاف داخل ڪرايل جنسي هراساني جو ڪيس حقيقت ۾ ڪوڙو هو. شلپا اهو انڪشاف ڀارتي سنگهه ۽ هرش لمباچيا جي پوڊ ڪاسٽ دوران ڪيو.
رپورٽ موجب شلپا جي بيان کانپوءِ پوجا بيدي ۽ گلوڪار ۽ اداڪار ڪرن اوبراءِ سخت ردعمل ظاهر ڪيو آهي. 56 ورهين جي پوجا بيدي چيو ته جيڪي عورتون متاثرن جي تحفظ لاءِ ٺاهيل قانونن کي ذاتي مفاد، پلاند، دٻاءُ وجهڻ يا شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪن ٿيون، اهي اصل مقصد سان غداري ڪن ٿيون. سندس چوڻ هو ته ڪوڙا الزام نه رڳو بيگناهه ماڻهن جي زندگين کي متاثر ڪن ٿا، پر حقيقي متاثرن لاءِ انصاف حاصل ڪرڻ به وڌيڪ ڏکيو بڻائي ڇڏين ٿا.
ٻئي پاسي ڪرن اوبراءِ، جيڪو ماضي ۾ پاڻ به مبينا طور ڪوڙي جنسي هراساني واري ڪيس کي منهن ڏئي چڪو آهي، چيو ته اهڙا ڪوڙا ڪيس اصل ۾ مردن کان وڌيڪ عورتن کي نقصان پهچائين ٿا، ڇو ته ان سان حقيقي متاثرن جي ڳالهه تي شڪ پيدا ٿيندو آهي. هن چيو ته مستقبل ۾ رڳو پلاند وٺڻ لاءِ الزامن جي بنياد تي ڪنهن به شخص کي جيل نه وڃڻ گهرجي.
جڏهن ته سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد ۽ گرفتاري جي مطالبن کانپوءِ شلپا شندي هڪ وڊيو پيغام ۾ چيو ته ماڻهن پوري ڳالهه ٻڌڻ کانسواءِ رڳو هڪ مختصر ڪلپ جي بنياد تي کيس تنقيد جو نشانو بڻايو. سندس چوڻ هو ته هوءَ رڳو پنهنجي ضمير آڏو جوابده آهي ۽ هاڻي ان ڪوڙ سان وڌيڪ زندگي نٿي گذاري سگهي.
ڀارتي رپورٽس موجب شلپا شندي چيو ته ڪنهن به کيس اعتراف ڪرڻ لاءِ مجبور نه ڪيو هو، پر هن ڄاڻي واڻي اهڙو انڪشاف ڪيو ته هڪ ڏينهن حقيقت ٻڌائڻ ضروري هوندو. هن وڌيڪ چيو ته ماضي ۾ هوءَ سخت ذهني دٻاءَ جو شڪار رهي آهي ۽ کيس آپگهات جا خيال به ايندا رهيا آهن. اداڪارا سنجي ڪوهلي کان معافي گهرندي چيو ته ”معافي“ هڪ ننڍڙو لفظ آهي، پر هوءَ انهن حالتن کان واقف آهي جن ۾ اهو سڀ ڪجهه ٿيو هو.
رپورٽ موجب شلپا شندي جي اعتراف کانپوءِ سوشل ميڊيا واهپيدارن ۽ مختلف تنظيمن سندس خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي، جڏهن ته ڪجهه حلقن ڪوڙي شڪايت داخل ڪرائڻ جي الزام ۾ سندس گرفتاري جو به مطالبو ڪيو آهي.
ياد رهي ته 2016ع ۾ شلپا شندي مشهور ڊرامو ”ڀابي جي گهر پر هين“ ڇڏڻ کانپوءِ پروڊيوسر سنجي ڪوهلي تي جنسي هراساني ۽ نامناسب رويي جا الزام هنيا هئا. ان وقت سنجي ڪوهلي سڀ الزام رد ڪندي انهن کي بي بنياد قرار ڏنو هو. هاڻوڪي هڪ پوڊ ڪاسٽ دوران شلپا شندي اعتراف ڪيو ته ماضي ۾ پروڊيوسر خلاف سندس طرفان لڳايل هراساني جا الزام حقيقت تي ٻڌل نه هئا.