ملڪ جي سياسي منظرنامي تي هڪ ڀيرو وري اهو ئي پراڻو ۽ گھسيل راند روند وارو کيل کيڏيو پيو وڃي، جيڪو اسان ماضيءَ ۾ ڪيترائي ڀيرا ڏسي چڪا آهيون. هن ڀيري ان جو نشانو قومي چونڊون نه پر گلگت بلتستان جون چونڊون آهن، جتي 24 سيٽن تي 600 کان وڌيڪ اُميدوار آمهون سامهون آهن. هتان جي چونڊن جي حوالي سان هن وقت ٽي پارٽيون نون ليگ، پيپلز پارٽي ۽ تحريڪ انصاف (آزاد اُميدوار) هڪٻئي جي سامهون آهن، ۽ چيو پيو وڃي ته جيڪڏهن ڪنهن اليڪشن چوري نه ڪئي ته نتيجا 8 فيبروري 2024ع وارا ئي هوندا. پر پنجاب مان پنج هزار پوليس اهلڪارن جي تعينات ڪرڻ، تحريڪ انصاف جي اُميدوارن کي مهم هلائڻ نه ڏيڻ، سندن اڳواڻن کي اسلام آباد تائين محدود ڪرڻ ۽ اڳوڻي حڪمران پارٽي کي چونڊ نشان الاٽ نه ٿيڻ کان پوءِ ائين ئي لڳي رهيو آهي ته ”مرڪز“ هتي به پنهنجي مرضيءَ جا نتيجا حاصل ڪرڻ چاهي ٿو.
بهرحال، گلگت جي اليڪشن ۽ ماضيءَ تي بعد ۾ نظر وجهون ٿا پر في الوقت افسوس ان ڳالهه جو آهي ته جڏهن چونڊن ۾ چند ڏينهن باقي رهجي ويا آهن، ته هر علائقي ۾ اهو تاثر ملي رهيو آهي ته ان جا نتيجا اڳواٽ ئي طئي ٿي چڪا آهن. بيشڪ پاڪستان ۾ ڪڏهن به چونڊون مڪمل طور تي صاف ۽ شفاف ناهن ٿيون پر هاڻي جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي تنهن جمهوري نظام جو مذاق بڻائي ڇڏيو آهي. ظاهري طور ائين پيو لڳي ته اليڪشن کان اڳ جوڙتوڙ جي صورت ۾ ’سليڪشن‘ جو هڪ ٻيو عمل جاري آهي. هي جمهوري طريقي سان اقتدار جي منتقلي واري عمل جي قانوني حيثيت کي شڪي بڻائي ٿو. يقين ڪريو، گلگت ۾ اليڪشن جي حوالي سان هڪ ٻن صحافي دوستن سان ڳالهه ٻولهه ٿي ته موصوف چوڻ لڳا ته اڄ هن خطي ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو ان کان اڳ فوجي حڪومتن ۾ به ناهي ڏٺو ويو. هتي هڪ ناڪام منصوبي جي پڄاڻي کي انتقام ۾ تبديل ڪيو ويو آهي.
2024ع جي اليڪشن وانگر هتي به پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آئي) جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جو وڏو انگ يا ته جيل ۾ آهي يا کين زبردستي مهم هلائڻ کان روڪيو ويو آهي. ان کان پوءِ ميڊيا جي آزاديءَ جو ته نالو نشان ئي باقي ناهي رهيو. نگران حڪومت انهن قوتن لاءِ هڪ ڏيکاءُ کانسواءِ ٻيو ڪجهه ناهي جيڪي پنهنجي مينڊيٽ کان ٻاهر نڪري چڪيون آهن؛ انهن وٽ صرف چونڊن جي نگراني ۽ انهن کي منصفاڻي ۽ آزاداڻي هجڻ کي يقيني بڻائڻ تائين جا اختيار موجود هئا. دراصل، چونڊن کان اڳ جوڙتوڙ ڪرڻ لاءِ نگران حڪومت کي استعمال ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته گذريل هفتي اسد قيصر کي جنهن انداز ۾ اسلام آباد ۾ ئي روڪيو ويو، ان مان اهو ئي تاثر ملي ٿو ته سرڪار اڃا تائين تحريڪ انصاف کان خوفزده آهي. ان ڪري، منهنجي خيال ۾ اسد قيصر جي اها تجويز بهترين آهي ته اليڪشن ڪرائڻ جي زحمت ئي نه ڪريو، بلڪه توهان ائين ئي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو. منهنجي خيال ۾ ان کان بهتر تجويز ٻي ٿي ئي نٿي سگهي، ۽ وري ان جو فائدو اهو ٿيندو ته نه ته اُميدوارن جا پئسا ضايع ٿيندا، نه اليڪشن ڪميشن جا ۽ نه ئي سيڪيورٽي ادارن جا. بلڪه نه ڪٿي جهيڙو جهٽو ٿيندو ۽ نه ئي ڪٿي ڪو ڌانڌلي جو الزام لڳندو. الغرض، انڌن کي به نظر اچي رهيو آهي ته اهي اتي ڇا ڪري رهيا آهن؟ بلڪه انهن ته بي حيائيءَ جي چادر اوڍي ڇڏي آهي ته اسان کي ته اهو ئي ڪرڻو آهي، توهان کان جيڪو ٿئي ٿو سو ڪري وٺو. مطلب! چار سال گذرڻ کان پوءِ به اڄ حڪمران خوفزده آهن ته الائجي جيڪڏهن تحريڪ انصاف کي چونڊ نشان الاٽ ڪيو ويو ۽ کيس اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏني وئي، ته الائجي سندن سان ڇا ٿيندو. سمجهه کان ٻاهر آهي ته فيصلو ڪندڙ الائجي ملڪ سان ڇا ڪرڻ وارا آهن، بلڪه ڇا ڪندا آيا آهن! پاڻ ته انهن ريٽائرمينٽ کان پوءِ ملڪ ۾ رهڻو ئي ناهي هوندو، بلڪه انهن به، بيوروڪريٽس به ۽ سياستدانن به… پنهنجي دورن دوران ئي ٻاهرين ملڪن ۾ سيٽنگون ڪري رکيون هونديون آهن. يعني جئين ئي سندن ريٽائرمينٽ ٿيندي، اهي ملڪ کان ٻاهر هوندا ۽ چوندا ته هو موڪلون ملهائڻ پيا وڃن، ۽ پوءِ شايد ئي ڪڏهن واپس اچن، ڇاڪاڻ ته انهن ماڻهن مان لڳ ڀڳ سڀني جون ملڪيتون ٻاهر آهن ۽ اهي اتي پوريءَ ريت مزا ماڻي رهيا آهن.
يقين نٿو اچي ته پاڻ ئي ڏسي وٺو ته ڪهڙو آرمي چيف، ڪهڙو چيف جسٽس يا ڪهڙو چيف سيڪريٽري وغيره ريٽائرمينٽ کان پوءِ خالص پاڪستان ۾ رهي رهيو آهي؟ ڪجهه مستقل ٻاهر شفٽ ٿي ويا آهن، جڏهن ته ڪجهه اچن وڃن ٿا. ۽ جيڪي اڃا به اقتدار ۾ آهن، اهي به سڀاڻي ٻاهر هوندا. پر سندن فيصلا، چاهي اهي سٺا هجن يا خراب، انهن کي عوام ئي ڀوڳيندو، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن فيصلا خراب آهن ته پوءِ انهن کان پڇڻ وارو ڪير آهي؟ 1977ع ۾ به جڏهن ڀٽو عام چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪئي هئي، ان وقت به ڀٽو چيو هو ته سندس ڪرسي تمام مضبوط آهي، پر ڇا ٿيو هو؟ ڀٽو ايندڙ ٻن سالن اندر ٻئي جهان پهچي ويو. پوءِ جنرل ضياءُ الحق چيو هو ته جيستائين مان اقتدار ۾ آهيان، تيستائين هميشه غير جماعتي چونڊون ئي ٿينديون، ۽ چيو هئائين ته سندس ڪرسي کي ڪو هٿ به نٿو لائي سگهي. پر سندس سان جيڪو ڪجهه ٿيو، ڇا ان جو ڪو تصور به ڪري سگهي ٿو؟ بلڪه کيس سي-130 (طيارو) کڻي ٻڏو. پوءِ نواز شريف به 1997ع ۾ ٻه تهايي اڪثريت سان اقتدار ۾ آيو هو، ڇا ٿيو سندس سان؟ 1999ع ۾ مارشل لا لڳو ۽ کيس ڏهن سالن لاءِ جلاوطن ڪيو ويو، جيتوڻيڪ هو سمجهندو هو ته هن صدر فاروق لغاري کي فارغ ڪري ڇڏيو آهي ۽ چيف جسٽس سجاد شاهه تي حملو ڪري ڇڏيو آهي، تنهنڪري هاڻي هو جيڪو چاهي سو ڪري سگهي ٿو. پوءِ مشرف اقتدار ۾ آيو ته اهو به مڪو لوڏي لوڏي چوندو هو ته سندس سان ڪو مائي جو لعل مقابلو نٿو ڪري سگهي، پر سندس وڃڻ وقت اها خبر به نه پئي ته هو ڪيئن ويو، جيتوڻيڪ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هو به اڄ وانگر آمريڪا جو فرنٽ لائن اتحادي هو، ۽ ان وقت آمريڪا سان وفاداريءَ جا تمام رڪارڊ ٽوڙي رهيو هو، بلڪه افغانين ۽ پاڪستانين جي وڏي انگ کي پڪڙي پڪڙي آمريڪا حوالي ڪري رهيو هو.
الغرض، اسان ماڻهو ڪڏهن به تاريخ مان سبق ناهيون سکندا… بلڪه اڄ به ان ئي دڳ تي هلي رهيا آهيون ته کيس پڪڙي وٺو، کيس ماري ڇڏيو، کيس سبق سيکاريو، اهو ماڻهو گلگت پهچي نه سگهي، سندس گهر وارن کي کڻي وڃو، سندس فائل ڪڍي وٺو، سندس پٺيان نيب کي لڳائي ڇڏيو، کيس کاتي جي ڪارروائي ۾ ڦاسائي ڇڏيو، کيس فلاڻي آرٽيڪل جي سزا ڏياريو، سندس نالو اي سي ايل (ECL) ۾ وجهي ڇڏيو… يعني اڄ به گلگت اليڪشن ۾ اهو سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي. ۽ پوءِ الائجي هي ماڻهو ڪڏهن سمجهندا ته ان سان سراسر نقصان پاڪستان جو ئي ٿئي ٿو.
خير، ڳالهه اڳتي نڪري ويندي، تنهنڪري واپس گلگت اليڪشن ڏانهن ئي اچون ٿا ته هتي 7 جون آچر ڏينهن چونڊون ٿي رهيون آهن، جنهن ۾ 24 جنرل سيٽن لاءِ 664 اُميدوار ميدان ۾ آهن. گلگت بلتستان قانون ساز اسيمبلي جون گڏيل طور تي 33 سيٽون آهن، جن مان 24 جنرل جڏهن ته 9 مخصوص سيٽون آهن. هتي پهريون ڀيرو 2009ع ۾ قانون ساز اسيمبلي جون چونڊون ’گلگت بلتستان ايمپاورمينٽ اينڊ سيلف گورننس آرڊر‘ تحت ڪرايون ويون هيون ۽ پهرين عام چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت ٺهي هئي، جڏهن ته موجوده گورنر مهدي شاهه پهريون وڏو وزير بڻيو هو. ان کان پوءِ 2015ع ۾ مدو ختم ٿيڻ تي ٻيون عام چونڊون ٿيون، جن ۾ نون ليگ کي اڪثريت ملي ۽ حافظ حفيظ الرحمان ٻيو وڏو وزير بڻيو. نون ليگ جي حڪومت به مدو پورو ڪيو ۽ سال 2020ع ۾ ٽيون عام چونڊون ٿيون، جن ۾ ان وقت وفاق ۾ حڪمران پارٽي پاڪستان تحريڪ انصاف کي اڪثريت ملي ۽ خالد خورشيد ٽيون وڏو وزير بڻجي ويو. پر پي ٽي آئي حڪومت پنهنجو مدو پورو نه ڪري سگهي ۽ 2023ع ۾ خالد خورشيد جعلي ڊگري ڪيس ۾ نااهل ٿي ويو، جنهن کان پوءِ پي ٽي آئي حڪومت ختم ٿي وئي. بعد ۾ حاجي گلبر خان جي اڳواڻي ۾ نئون گروپ سامهون آيو ۽ گڏيل (مخلوط) حڪومت قائم ٿي، جنهن ۾ حاجي گلبر خان وڏو وزير بڻجي ويو.
اوهان ائين کڻي چئو ته هتي ۽ آزاد ڪشمير ۾ ٿيندڙ چونڊن بابت اهو ئي چيو ويندو آهي ته جنهن پارٽي جي مرڪز ۾ حڪومت هوندي آهي، اها ئي انهن انتظامي يونٽن ۾ پنهنجي حڪومت ٺاهيندي آهي، ۽ توهان ڏسي وٺو ته ائين ئي ٿيندو آيو آهي. تڏهن ئي اسان انهن کي آزاد حڪومت نه پر مرڪز جي ڪٺ پتلي حڪومت به چيون ٿا، جيڪي ميرٽ تي هلڻ بدران سياسي آقائن جي نقش قدم تي هلنديون آهن. تڏهن ئي هتي آئيني حيثيت، صوبائي حق، سياحت، ماحولياتي تبديلي، سيپيڪ (CPEC) منصوبا، معدني وسيلا، نوجوانن جو روزگار ۽ انفراسٽرڪچر جهڙا مسئلا اهم موضوع بڻجي چڪا آهن. ۽ لڳي ائين پيو ته هتي به هڪ طبقو مڪمل خاموش ڏيکائي ڏئي رهيو آهي جيڪو 7 جون تي ئي فيصلو ڪندو. هي بلڪل ائين ئي هوندو جئين 8 فيبروري تي ٿيو هو. يعني ’هن ڀيري تحريڪ انصاف کي چونڊ نشان جاري ناهي ٿيو ۽ سندن اميدوار آزاد حيثيت سان ميدان ۾ آهن، تحريڪ انصاف جا ووٽر خاموش آهن، هو ڪيڏانهن ويندا، ان حوالي سان به معاملا ”زير غور“ آهن.‘
بهرحال جيڪو به هجي، هن وقت ملڪ ڪنهن به نئين مهم جوئي جو متحمل نٿو ٿي سگهي، تنهنڪري گلگت کي اتان جي عوام تي ڇڏيو وڃي ۽ عوام جنهن پارٽي کي چونڊي ٿي، ان کي حڪومت ڏني وڃي. پوءِ ڏسو ته ان علائقي ۾ ترقي ٿئي ٿي يا نه! يقيناً عوام جا نمائندا پنهنجي علائقن لاءِ ڪم ڪندا، ۽ اهو نه ڪندا ته وفاق کان حڪمناما اچن ۽ انهن کي ئي پورو ڪرڻ ۾ پنهنجون توانائيون ضايع ڪن؛ ائين ڪرڻ سان صرف ۽ صرف تباهي آهي، ان کان سواءِ ڪجهه به ناهي. جيڪڏهن يقين نٿو اچي ته توهان هتي به ڌانڌلي زده ۽ فارم 47 واري اليڪشن ڪرائي ڏسي وٺو، مان دعويٰ سان چوان ٿو ته هتان جا ماڻهو پوءِ پنجاب پوليس کان به قابو ۾ نه اچي سگهندا!