لکي غلام شاهه( ت ر)لکي غلام شاھ ويجهو ڳوٺ ٺينڊا ۾ شادي جي خوشي ۾ ڪيل هوائي فائرنگ، 12 سالن جي نينگر جي حياتي کسي ورتي( تفصيل موجب )لکي غلام شاھ لڳ ڳوٺ ٺينڊا ۾ گهانگهرا برادري جي شادي جي تقريب دوران هوائي فائرنگ جو سلسلو جاري هو، ته ساڳئي وقت جهلي ڪلواڙي جي ڪچي واري علائقي مان 12 سالن جو پورهيت نينگر ڪريم ڏنو پٽ امتياز جتوئي، پنهنجي گڏهه گاڏي تي ڪاٺيون کڻي گهر واپس اچي رهيو هو ته شادي ۾ ڪيل هوائي فائرنگ جي گولي کيس لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ نينگر موقعي تي ئي دم ڏئي ڇڏيو. واقعي جي اطلاع ملڻ تي جهلي ڪلواڙي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي تعلقه اسپتال لکي غلام شاهه منتقل ڪيو، جتي ضروري قانوني ڪارروائي مڪمل ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. ذريعن موجب نينگر جي موت جو سبب شادي واري تقريب ۾ ڪيل هوائي فائرنگ آهي. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته شادي جي خوشين ۾ هوائي فائرنگ هڪ جان ليوا راند بڻجي وئي آهي، جنهن هڪ معصوم ٻار کي کسي ورتو. هوڏانهن ايس ايڇ او جهلي ڪلواڙي جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.