ڪراچي ميٽرڪ بورڊ ۾ ڪرپشن ۾ ملوث آفيسرن خلاف ڪارروائي نه ٿي

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)ميٽرڪ بورڊ جي امتحانن ۾ بدانتظامي ۽ ڪرپشن ۾ ملوث ماڻهن کي سزائون ڏيڻ واري معاملي ۾ سنڌ حڪومت پاران ناظمِ امتحانات (ڪنٽرولر امتحان) ۽ سيڪريٽري   بورڊ خلاف اڃا تائين ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي وئي.ذريعن موجب، ٻين ذميوار آفيسرن خلاف به اڃا تائين ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي وئي، جڏهن ته امتحاني مرڪز تبديل ڪرائڻ ۽ انتظامي غفلت برتڻ وارا آفيسر اڃا تائين پنهنجي نوڪرين تي برقرار آهن.تحقيقاتي ڪميٽي چيئرمين بورڊ سميت ملوث ماڻهن کي معطل ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي. تحقيقاتي ڪميٽي اينٽي ڪرپشن جو ڪيس داخل ڪرڻ جي سفارش پڻ ڪئي هئي.حڪومت ميٽرڪ بورڊ تحت 2026ع جي امتحانن ۾ بدانتظامي ۽ ڪرپشن تي 11 اپريل تي نوٽيس ورتو هو. سنڌ حڪومت چيئرمين بورڊ جي استعيفيٰ منظور ڪري کيس واپس اصل کاتي ۾ موڪلي ڇڏيو هو.سنڌ حڪومت ميٽرڪ بورڊ جي چيئرمين غلام حسين سهو جي استعيفيٰ 11 مئي تي منظور ڪئي هئي.تعليمي ماهرن جو چوڻ آهي ته امتحانن ۾ بدنظمي ۽ شاگردن جي پريشاني تي ورتل نوٽيس تي پورو عمل ٿيڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.