ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ ۽ پاڻي بحران معمول بڻيل آهي:حليم عادل شيخ

ڪراچي(عوامي آواز نيوز) پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ غير اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ پاڻي جو بحران عوام لاءِ عذاب بڻجي چڪو آهي، سنڌ حڪومت مڪمل طور ناڪام ٿي  چڪي آهي، ٽينڪر مافيا ڪراچي جي شهرين کي لُٽي رهي آهي جڏهن ته سنڌ حڪومت خاموش تماشائي بڻيل آهي. هن چيو ته سخت گرمي ۾ بجلي، گئس ۽ پاڻي کان محروم رکڻ عوام سان ظلم آهي، 18 سالن ۾ پيپلز پارٽي ڪراچي کي پاڻي جو هڪ ڦڙو به اضافي فراهم نه ڪري سگهي، نيو حب ڪينال منصوبو عوام کي ڏنل هڪ ٻيو ڌوڪو ثابت ٿيو، ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ پاڻي جي فراهمي ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.